اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل تاريخي دفاعي معاهدي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن کي نئين رخ ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت هڪ 18 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، نجي ٽي وي رپورٽن موجب حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪميٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڳالهين جي اڳواڻي ڪندي، وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان ٺهيل هي ڪميٽي پاڪستان – سعودي عرب اقتصادي فريم ورڪ تحت ڳالهين جي نگراني ڪندي، وفاقي وزير موسميات ۽ سينيٽر مصدق مسعود ملڪ ۽ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد (نيشنل ڪوآرڊينيٽر، ايس آءِ ايف سي) کي ڪميٽي جو گڏيل چيئرمين مقرر ڪيو ويو ، ڪميٽي ۾ وفاقي وزير احد چيمه، ڄام ڪمال خان، اويس لغاري، رانا تنوير حسين، شزا فاطمه ، عبدالعليم خان، چيئرمين ايس اي سي پي عاڪف سعيد، ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ ڊاڪٽر عنايت حسين ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي جا چيئرمين سعودي هم منصبن سان گڏ ڳالهين لاءِ ٽيمون جوڙيندا، جڏهن ته سڀ ميمبر 6 آڪٽوبر کان پنهنجي ذميوارين لاءِ دستياب رهندا، ايس آءِ ايف سي جي ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن معاشي سفارتڪاري ۾ سول ۽ فوجي ادارن جو ويجهو رابطو قائم رهي.