نيپال ۽ ڀارت ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 63 ڄڻا فوت

نئين دهلي/کٽمنڊو (م ڊ) نيپال ۽ ڀارت ۾ تيز برساتن سبب آيل ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن. نيپال جي اختيارين موجب ملڪ ۾ 43 ڄڻا فوت ۽ 5 لاپتا آهن، سڀ  کان وڌيڪ نقصان ضلع ايلم ۾ ٿيو جتي 37 ماڻهو مارجي ويا. ريسڪيو ٽيمون جابلو علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. ڀارت جي دارجلنگ ضلعي ۾ به لينڊ سلائيڊنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا مارجي ويا. ٻنهي ملڪن ۾ فوجي ۽ ريسڪيو اهلڪار امدادي ڪارروايون جاري رکيو ويٺا آهن، جڏهن ته عوام کي احتياط جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي زلزلي جا جهٽڪا ،خوف

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀرپاسي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمو پڙهڻ لڳا، زلزلي جي شدت  5.0 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ڪوئيٽا شهر کان 65 ڪلوميٽر پري اولهه ۾ هو ۽ اونهائي 25 ڪلوميٽر هئي، پي ڊي ايم اي جي اختيارين موجب زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو، پر انتظاميا سان رابطي ۾ آهيون.

غزا ۾ جنگ بندي بابت 90 سيڪڙو معاملا طئي ٿي ويا: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته غزا ۾ اڃا جنگ ختم ناهي ٿي، وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسرائيل ۽ حماس  وچ ۾ معاهدي تي ڳالهيون جاري آهن، اميد ته معاملا جلد طئي ٿي ويندا، حماس جنگ کانپوءِ جي قدمن تي اصولي اتفاق ڪري ورتو آهي، هن چيو ته هٿيارن جي واپسي ۽ حماس جي ٽٽڻ جو مرحلو ڏکيو هوندو، غزا ۾ اهڙي حڪومت نٿي ٺاهي سگهجي جيڪا ٽن ڏينهن ۾ ٺهي وڃي، جلد خبر پئجي ويندي ته حماس واقعي سنجيده آهي يا نه، سندس چوڻ هو ته اسان هن وقت يرغمالين جي آزادي جي ويجهو آهيون، 90 سيڪڙو معاملا طئي ٿي چڪا آهن، اميد ته معاهدو هن ئي هفتي جي شروعات ۾ مڪمل ٿي ويندو، غزا معاهدي تي 100 سيڪڙو خاطري ڪوئي نٿو ڪرائي سگهي، مارڪو روبيو اهو به چيو ته جيستائين فضائي حملا جاري رهندا، يرغمالي آزاد نه ٿيندا، تنهن ڪري بمباري جو سلسلو روڪڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.