ڪراچي(رپورٽر)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هو پنجاب حڪومت سان مناظري لاءِ مڪمل تيار آهي.سفاري پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته ٻوڏ سبب پنجاب حڪومت دٻاءَ هيٺ آهي،حڪومت متاثرن جي مدد ڪري، هن چيو ته هو وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز کي گلدستو موڪلڻ چاهي ٿو ۽ هوءَ اطمينان رکي، ڇو ته مشڪلاتون اينديون رهنديون آهن، پر همت سان منهن ڏيڻ گهرجي۔ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ سياسي گرمي گهٽ رهي، پنجاب حڪومت کي بيان بازي بدران سيلاب متاثرن جي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي