جماعت اسلامي جي غزا مارچ ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو، پاڪستان ۾ حماس جي آفيس کولڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پاڪستان ۾ حماس جي آفيس کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي غزا مارچ کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حماس مسلم امت جي مٿي جو ٽڪو آهي، حڪمران طبقو حماس جو نالو وٺندي پريشان ٿيڻ لڳندو آهي.
هن چيو ته غزا جا ماڻهو روز قربانيون ڏئي رهيا آهن، غزا جا ماڻهو مزاحمت جي علامت آهي، هيل تائين 67 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.