مان ڪنهن جو ڪيريئر ختم نه ڪيو، رانديگر کي واپسي لاءِ فرسٽ ڪلاس ۾ پرفارم ڪرڻو پوندو آهي: وقار يونس

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته ڪنهن به رانديگر جو ڪيريئر تڏهن ختم ٿيندو آهي جڏهن هو راند تان ڌيان هٽائي ۽ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏئي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ گفتگو دوران وقار يونس، احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل جو ڪيريئر ختم ڪرڻ جي الزامن تي چيو ته ڪنهن کي به ڪنهن جو ڪيريئر ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي، مان رڳو پي سي بي کي اهو مشورو ڏنو هو ته ٻئي رانديگر پنهنجي فارم بحال ڪرڻ لاءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏن.
هن اڳوڻن ڪرڪيٽرن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي رڳو تبصرن تائين محدود آهن ۽ موجوده رانديگرن جي رهنمائي ۾ دلچسپي نٿا رکن، 90 جي ڏهاڪي جا رانديگر هڪٻئي سان تجربو شيئر ڪندا هئا پر اڄوڪي دور جا اڳوڻا رانديگر ميدان کان ڪٽجي ويا آهن، خوش قسمتي سان مون کي ڪوچنگ ۽ سڌارا آڻڻ جو موقعو مليو.
سندس چوڻ هو ته مان محمد عامر جي واپسي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪوچن، محمد حفيظ، اظهر علي ۽ نجم سيٺي کي راضي ڪيو ته هو عامر کي ٻيهر موقعو ڏين، عامر واپسي کانپوءِ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر مڪي آرٿر جي اچڻ کانپوءِ حالتون تبديل ٿيون ۽ انگلينڊ جي دوري ۾ عامر کي ڏکيائيون پيش آيون.
وقار يونس چيو ته پاڪستان ٽيم ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊي ويندي آهي ۽ ڪنهن به رانديگر کي واپسي کان اڳ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي فارم ثابت ڪرڻي پوندي آهي، عامر کي مڪمل حمايت ۽ موقعو ڏنو ويو پر هو پاڻ کي نظرانداز سمجهڻ لڳو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.