اسلام آباد (بيورو) سيپٽمبر ۾ مهانگائي ناڻي واري وزارت جي ڪاٿي کان به وڌي وئي ۽ گذريل مهيني جي مقابلي ۾ سالياني شرح 5.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، وفاقي شماريات واري اداري طرفان جاري ڪيل مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ موجب آگسٽ جي مقابلي ۾ سيپٽمبر دوران مهانگائي جي شرح ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي. جڏهن ته ناڻي واري وزارت سيپٽمبر لاءِ مهانگائي جو ڪاٿو 3.5 سيڪڙو کان 4.5 سيڪڙو تائين لڳايو هو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جولاءِ کان سيپٽمبر واري ٽه ماهي دوران سراسري مهانگائي 4.22 سيڪڙو رهي، آگسٽ 2025 ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 2.99 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته سيپٽمبر 2024 ۾ مهانگائي 6.9 سيڪڙو تائين وڌي وئي هئي، اداري موجب سيپٽمبر 2025 دوران ڳوٺاڻن علائقن ۾ مهانگائي ماهوار بنيادن تي 2.8 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته شهرن ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.