ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو پاڻي توهان جو آهي، پاڪستان جو پئسو به توهان جو آهي، بلوچستان جي گئس به توهان جي آهي، بلوچستان جو ساحل ۽ بندرگاهون به توهان جون آهن، سنڌ جو درياهه ۽ ڪوئلو به توهان جو آهي، خيبر پختونخواهه جي بجلي ۽ معدنيات به توهان جي آهن، اسان جو رت به توهان جو آهي، سڄو پاڪستان توهان جو آهي۔