ڪراچي (ارباب چانڊيو) ڪچيءَ جي ڌاڙيلن خلاف وڏو حڪومتي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرس ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ رپورٽ ڏني وئي ته هن وقت تائين 159 ڌاڙيل مارجي چڪا آهن، جڏهن ته 850 گرفتار ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب، حڪومتي پلان هيٺ ڪچيءَ ۾ پاڻي اچڻ سبب ڌاڙيل پڪي وارن علائقن ڏانهن منتقل ٿيندا، جتي سندن لاءِ ڄار وڇايو ويو آهي. ان لاءِ ڊرون، جديد هٿيار ۽ مضبوط انٽيليجنس نيٽورڪ استعمال ڪيو ويندو. ڌاڙيلن لاءِ ٽي آپشن ٻڌايا ويا آهن: پاڻيءَ سان مقابلو ڪري ڪچيءَ ۾ رهڻ، هٿيارن سان پوليس سان وڙهڻ يا هٿيار ڦٽا ڪري عام معافي جو رستو اختيار ڪرڻ. اجلاس ۾ 2 ڪميٽيون به ٺاهيون ويون، هڪ جي سربراهي گهرو وزير ضيا لنجار ۽ ڊي جي رينجرس ڪندا، ٻي جي سربراهي صوبائي گهرو سيڪريٽري وٽ آهي. ڪميٽين جو ڪم رڳو آپريشن تائين محدود ناهي، پر ڪچيءَ ۾ ترقياتي منصوبا جهڙوڪ روڊ، اسڪول ۽ ٻيون سهولتون به شامل آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو ڌاڙيلن کي مارڻ سان مسئلو ختم نه ٿيندو، جيستائين انهن جي ”فيڪٽري“ قبيلائي دشمني، بدامني ۽ پوليس جي ڪوتاهي ختم نه ٿيندي، نوان ڌاڙيل پيدا ٿيندا رهندا.