ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪچي جي ڏوهارين جو خاتمو ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين ذريعي ممڪن نه آهي، اهو هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي. ان سلسلي ۾ وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر کي هدايت ڪئي آهي ته ڪچي جي علائقن جي انفراسٽرڪچر لاءِ تفصيلي منصوبي تيار ڪيو وڃي جنهن ۾ روڊ، اسڪول، اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون شامل هجن.هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪئي، جنهن ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سينيئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان، واٽر بورڊ جو سي او او اسد الله خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير يقين ڏياريو ته جڏهن به ٻوڏ جي صورتحال بهتر ٿيندي ته بحالي ۽ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين خلاف انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ۽ ڪچي جا علائقا ٻوڏ جي پاڻي ۾ آيل آهن ۽ ڏوهاري اتان نڪري ويا هوندا اهو ئي وقت آهي ته انهن کي ختم ڪيو وڃي. آپريشن کي هر حال ۾ تيز ڪيو وڃي. گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي آپريشن جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2024 کان ڪچي علائقي ۾ ٽيڪنالاجي بنياد تي آپريشن ۾ تيزي آندي وئي آهي. اڃا تائين 760 ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ 352 سرچ آپريشن ڪيا ويا آهن. جنوري 2024 کان اڄ تائين 159 ڏوهاري ماريا ويا آهن سيد مراد علي شاهه چيو ته گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير سان سمورو علائقو کلي ويندو، رابطن ۾ بهتري ايندي ۽ امن امان جي صورتحال ۾ به سڌارو ايندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح هر حال ۾ امن امان جي بحالي آهي. جڏهن ته هڪ ٻي اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽس ۽ ٽينڪرن خلاف ڪارروائي جو جائزو ورتو. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته اڃا تائين 243 غيرقانوني هائيڊرنٽس ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، 212 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 103 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ھيستائين 3200 ٽينڪر کي قيو آر ڪوڊ ذريعي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي جنهن سان پاڻي جي ورهاست جو نظام بهتر ٿيو آهي وڏي وزير هدايت ڪئي ته غيرقانوني ٽينڪر مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ان وقت تائين جاري رکيو وڃي.