57 ملڪن جي سربراهن جو اجلاس لفظي بيان تي ختم

دوحا/اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار مبشر لقمان پنهنجي ولاگ ۾ چيو ته دوحا ۾ ٿيل عرب اسلامي ڪانفرنس اسرائيل خلاف ڪو واضح فيصلو نه ڪري سگهي ۽ اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، ابتو عالمي برادري کان مدد جي اپيل ڪئي وئي جنهن تي سوشل ميڊيا تي مسلم ملڪن جي ڪمزوريءَ ۽ ان هلڪي ڦلڪي پڌرائي تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. ماڻهن کي اميد هئي ته مسلمان ملڪ هن موقعي کي غنيمت سمجهندا. سڪيورٽي لاءِ ڪو دفاعي نظام قائم ڪندا، اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندا پر ائين نه ٿيو. ان دوران اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ٻيهر قطر تي حملو ڪرڻ جو اعلان ڪندي پاڪستان ۽ افغانستان کي دهشتگردن جي پناهه گاهه قرار ڏنو. آمريڪي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ به نيتن ياهو حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته آمريڪا ان بيان تي ڪو اعتراض نه ڪيو. عالمي سطح تي خدشو وڌي ويو آهي ته اسرائيل جلد قطر تي ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿو. عاصما شيرازي ٽوئيٽ ڪيو ته مسلم دنيا وٽ اسرائيل کي ڏيڻ لاءِ ڪو جواب نه آهي. قطر ۾ 57 مسلم ملڪن جي سربراهن جو اجلاس رڳو لفظي بيان ۽ پڌرائي تي ختم ٿيو. اسرائيل خلاف جيڪو سخت قدم کڻڻ جي اميد ڪئي پئي وئي، اهو نه کنيو ويو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 17 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.