ملڪ جي ٽن هاءِ ڪورٽن جي بار ايسوسيئيشنن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر پاران ايمان مزاري بابت ڏنل ريمارڪن جي سخت مذمت ڪئي آهي۔ لاھور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ بلوچستان بار ڪائونسل ته سڌيءَ ريت سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته چيف جسٽس کي ”صنفي تعصب“ تي ٻڌل ريمارڪن جي بنياد تي عهدي تان هٽايو وڃي۔ هي صورتحال خميس جي ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ماھرنگ بلوچ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران سامهون آئي، جڏهن چيف جسٽس انساني حقن جي علمبردار ۽ وڪيل ايمان مزاري کي خبردار ڪيو ته هوءَ کين جج بدران ڊڪٽيٽر چوندي آهي، جنهن تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي۔ ساڳئي گفتگو ۾ هن مبينا طور ايمان مزاري جي مڙس هادي علي چٺا کي مخاطب ڪندي چيو: ”هادي صاحب ان کي سمجھايو، جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن مونکي هٿ لڳائڻو پيو ته…“
چيف جسٽس جي انهن لفظن تي ايمان مزاري سميت ملڪ جي ٽن هاءِ ڪورٽن جون بار ايسوسيئيشنون ۽ عورتن جون تنظيمون سخت احتجاج لاءِ ميدان ۾ نڪري آيون ۽ انهن ڳالهين کي پدرشاهيت ۽ صنفي تعصب جي علامت قرار ڏنو۔ ايمان مزاري چيو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کين سندن ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪيو آهي۔ جڏهن ته معاملي تي تڪرار وڌڻ بعد چيف جسٽس ڊوگر وضاحت ڪندي چيو ته سندس ڳالهين کي غلط پيش ڪيو ويو آهي۔ ”مون نه چيو ته مونکي هٿ لڳائڻو پوندو، بلڪه مون هادي چٺا کي چيو ته هو پاڻ هن کي سمجهائي۔“ سندس چوڻ هو ته ايمان مزاري کيس پنهنجن ڌيئرن وانگر آهي ۽ هو بزرگ طور نصيحت ڪري رهيو هو ته سندس ڪيريئر خراب نه ٿئي۔ پر ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي چٺا چيف جسٽس جي هن وضاحت کي رد ڪندي چيو ته چيف جسٽس سڌو سنئون چيو هو: ”جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن مونکي هٿ لڳائڻو پيو…“ ايمان مزاري واضح ڪيو ته هوءَ نه ڪنهن جي ڌيءَ آهي، نه ئي ننڍڙي ڇوڪري، بلڪه هڪ پروفيشنل وڪيل آهي جيڪا ڪلائنٽ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ آئي هئي، پر چيف جسٽس کين هراسان ڪيو آهي ۽ غير مناسب لفظ استعمال ڪيا۔ هن هاڻي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ درخواست ڏني آهي ته 11 سيپٽمبر تي ڪورٽ نمبر هڪ ۾ جيڪو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ان ڏينهن صبح 9 کان 11 وڳي تائين جي ڪارروائي جي سي سي ٽي وي فوٽيج محفوظ ڪري کيس به ڏني وڃي۔
واضح رهي ته چيف جسٽس ۽ ايمان مزاري جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو جو لاڳاپو اصل ڪيس سان نه هو، بلڪه چيف جسٽس ايمان مزاري جي ڪنهن پراڻي بيان تي ناراضگي ظاهر ڪري رهيو هو، جنهن دوران هن ٻه ٽي ڀيرا توهين عدالت جي ڌمڪي به ڏني۔ ايمان مزاري جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن عدالت چاهي ته ڪارروائي ڪري، پر سندس هر ڳالهه آئين ۽ قانون جي دائري ۾ هئي ۽ کيس اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي۔
اهو به واضع نه ٿي سگهيو ته چيف جسٽس ڪهڙي بيان جو حوالو ڏئي ڌمڪي ڏئي رهيو هو، پر ٻڌڻي دوران هڪ موقعي تي هن چيو: ”جيڪڏهن مان هينئر ڪو حڪم جاري ڪريان ته ايمان مزاري هيٺ وڃي پروگرام ڪندي ته اندر هڪ آمر ويٺو آهي۔“ اهڙو بدگماني ڀريو اظهار کليل عدالت ۾ ڪرڻ، وڪيل جي نيت بابت، نظام عدل لاءِ انتهائي افسوسناڪ آهي۔ ججن کي گهرجي ته ڪيس جي ميرٽ ۽ دليلن تي ڌيان ڏين، نه ته غير ضروري سوالن ۽ جهيڙن ۾ وقت ضايع ڪن۔ايمان مزاري جو چوڻ بلڪل ٺيڪ آهي ته جج کي وڪيلن کي ڌيئرن، ڀينرن يا ڀائرن جي حيثيت ۾ نه پر پروفيشنل ڪارڪن طور ڏسڻ گهرجي۔ جڏھن جج صرف قانوني نُڪتن تي رهن ٿا ته غير ضروري مباحث ۽ تلخيون پيدا نه ٿينديون۔ ججن جو وڪيلن کي ڌمڪائڻ غلط آهي، ساڳي وقت عدالتن جو به فرض آهي ته وڪيلن سان مهذب ۽ قانوني حدن ۾ گفتگو ڪن۔
ايمان زينب مزاري هڪ سرگرم وڪيل آهي جيڪا بنيادي حقن بابت اڪثر حڪومت يا عدالتن جي قدمن کي للڪاري ٿي۔ جج شايد سندس ڪجهه بيانن مان ڏک محسوس ڪن، پر جيڪڏهن وڪيل قانوني دائري ۾ ڳالهائي ٿو ته سندس گرفت جو جواز ناهي۔ چيف جسٽس ڊوگر جو ”اخلاقي حدن“ جو حوالو به مبهم آهي، ڇو ته هرڪو پنهنجي سمجهه موجب اخلاق جو تعين ڪري ٿو، تنهنڪري اهو دليل محض حجت بازي لڳي ٿو۔
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اندر ئي جسٽس ڊوگر جي مقرري بابت تحفظات موجود آهن، ڇو ته هو اڳ لاھور هاءِ ڪورٽ مان بدلي ٿي آيا هئا ۽ بعد ۾ سينيارٽي جي بنياد تي چيف جسٽس بڻايا ويا۔ ڪجهه جج تبادلن واري اصول سان اختلاف ڪن ٿا۔ اهڙي پس منظر ۾ جسٽس ڊوگر لاءِ ضروري آهي ته هو وڪيلن ۽ ساٿين سان خوشگوار لاڳاپا قائم ڪن، پر خميس واري واقعي ۾ هو احتياط وڃائي ويٺا۔
گذريل ڪجهه عرصي ۾ پاڪستان جي عدالتن ۾ غير ضروري ريمارڪن جو سلسلو وڌيو آهي۔ اصولي طور عدالتي ريمارڪن کي قانوني وضاحت تائين محدود رهڻ گهرجي، پر ججن انهن کي ڪڏهن عملدارن کي دٻائڻ، ڪڏهن صحافين کي ڌمڪائڻ ۽ ڪڏهن وڪيلن کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي۔ اهو چيو ويندو آهي: ”جج نه، پر ججن جا فيصلا ڳالهائيندا آهن“، پر هاڻي پاڪستان ۾ جج پاڻ ڳالهائڻ لڳا آهن ۽ سندن آواز هر طرف ٻڌڻ ۾ اچي ٿو۔ ايمان مزاري سان پيش آيل واقعو به ان جو هڪ مثال آهي۔