جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جي واپاري ساٿين جي وچ ۾ تڪرار صرف ٽيرف ۾ ٿورڙن ردوبدل تائين محدود رهندو ۽ ’ڪجهه وٺ، ڪجهه ڏي‘ جي اصول تي ڪا مفاهمت نڪري اچي ها ته اڄ دنيا بحراني صورتحال جو شڪار نه ٿئي ها. پر ائين نه ٿي سگهيو. عام اميدن جي ابتڙ جڏهن آمريڪا جا اهم اتحادي ۽ دوست ملڪن مزاحمت اختيار ڪئي ته دنيا جا ٻيا ملڪ به تڪڙي مفاهمت لاءِ تيار نه ٿيا. اهڙيءَ طرح ٽيرف وارو تڪرار ڊگهو ٿي ويو. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن هي تڪرار جلد ختم نه ٿيو ته دنيا ۾ واپار جي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي. اهو ئي اهو خدشو آهي جيڪو عالمي سطح تي سياسي ۽ معاشي افراتفري وڌائي رهيو آهي.هن وقت دنيا ۾ هڪ صاف سياسي ۽ معاشي ورهاست ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ڪو هن رجحان کي ’عالمي ڏکڻ ۽ عالمي اتر‘ جي تضاد جو نالو ڏئي ٿو ته ڪو ان کي ٽين دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۽ مغربي ترقي يافته ملڪن جي فطري ٽڪراءُ سڏيندو آهي. سوال آهي ته ڇا دنيا واقعي واپار جي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي؟ مستقبل ۾ اهڙو امڪان لڳ ڀڳ نه هئڻ جي برابر آهي. هي ٽڪراءُ عارضي آهي، ڇاڪاڻ ته گڏيل سهڪار ۾ سڀني جو فائدو آهي ۽ واپاري جنگ سڀني لاءِ نقصان جو سودو آهي.
جتي تائين آمريڪا جو تعلق آهي، اهو چين، روس، ڀارت، برازيل سميت ٻين ملڪن سان ڊگهي معاشي محاذ آرائيءَ جو خطرو کڻي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي اهي ملڪ آمريڪا خلاف نه ختم ٿيندڙ تجارتي ۽ مالي جنگ کڻي سگهن ٿا. هتي اهي حقيقتون ڏسڻيون پونديون جيڪي آمريڪا ۽ دنيا جي وچ ۾ خطري واري ٽڪراءَ کي روڪين ٿيون ۽ مثبت لاڳاپن کي اڻٽر بڻائين ٿيون. پهريون سوال آهي ته آمريڪا دنيا جي ملڪن لاءِ ايترو اهم ڇو آهي؟ چين، ڀارت، جاپان، ڪوريا، ويٽنام سميت تقريباً سڀني ملڪن جي معاشي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ آمريڪا سان واپار جو بنيادي ڪردار آهي. آمريڪا جي سفارش تي 2001ع ۾ چين ڊبليو ٽي او جو ميمبر بڻيو ۽ آمريڪي ۽ يورپي منڊين ۾ رسائي ملي، جنهن کانپوءِ چين جي تيز رفتار ترقي شروع ٿي وئي جنهن جي مثال عالمي معاشي تاريخ ۾ نه ملي ٿي.
چين جون سستيون شيون آمريڪا ۾ ڇانئجي ويون. چين جي ڪارخانن رات ڏينهن طلب پوري ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. آمريڪي سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي تبادلي چين ۾ هڪ عظيم معاشي انقلاب آندو ۽ ڏسندي ڏسندي چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت ۽ عالمي پيداوار جو مرڪز بڻجي ويو. ان جي ابتڙ آمريڪا جون 70 هزار کان وڌيڪ فيڪٽريون بند ٿي ويون ۽ لکين ورڪرز بيروزگار ٿي ويا. تجارتي توازن غيرمعمولي طور چين جي حق ۾ هليو ويو. آمريڪا جو چوڻ آهي ته کيس چين سان واپار ۾ 500 ارب ڊالرن جو خسارو آهي ۽ ملڪيت جي چوريءَ سبب هر سال وڌيڪ 300 ارب ڊالر جو نقصان ٿو ٿئي.
آمريڪا کي يورپي يونين کان 235.6 ارب، آسيان کان 227.7 ارب، ويتنام کان 123.5 ارب، ڀارت کان 45.6 ارب ۽ آئرلينڊ کان 86.7 ارب ڊالرن جو خسارو آهي. مجموعي طرح ڏسجي ته آمريڪا جو تجارتي خسارو 1.2 ٽريلين ڊالر کان وڌي چڪو آهي، جڏهن ته چين جو تجارتي منافعو 1 ٽريلين ڊالر جي حد کي ڇهڻ لڳو آهي. اهي انگ اکر ڏيکارين ٿا ته آمريڪا سان واپار ۾ ان جا هر ساٿي ملڪ وڏو فائدو کنيو آهي، جڏهن ته آمريڪي معيشت هيئن ڳرو خسارو ڀرڻ لاءِ قرض جي ناقابلِ برداشت بار هيٺ اچي چڪي آهي. صدر ٽرمپ جو الزام آهي ته آمريڪا اڄ ماضي جي ڪرپٽ ۽ غير دانشمند حڪومتن جي پاليسين جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. سندس موقف آهي ته تجارتي خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ کان سواءِ آمريڪا موجوده بحران تي قابو نٿو آڻي سگهي، تنهنڪري هو غيرملڪي درآمدات تي ٽيرف وڌائيندو ۽ جيڪي ملڪ آمريڪا سان واپار مان کربين ڊالر ڪمائي چڪا آهن، انهن کي به مجبور ڪندو ته آمريڪي درآمدات تي ٽيرف گهٽ ڪن. ساڳئي وقت آمريڪا کي اها به خبر آهي ته دنيا سان لاڳاپا رکڻ کان سواءِ 30 ٽريلين ڊالر جي جي ڊي پي رکندڙ عظيم معيشت بڻجڻ ممڪن ئي نه هجي ها. اهو رڳو ان جي ضرورت نه پر مجبوري به آهي.
جيڪي ملڪ آمريڪا سان واپار مان فائدو وٺي چڪا آهن ۽ هاڻي ٽيرف جي معاملي تي مزاحمت ڪري رهيا آهن، انهن لاءِ آمريڪي مارڪيٽ کي ڇڏي ڪا ٻي متبادل منڊي ڳولڻ انتهائي مشڪل آهي. آمريڪا جي آبادي 40 ڪروڙ آهي ۽ آءِ ايم ايف موجب ان جي في فرد آمدني 89,110 ڊالر آهي. اهڙي وڏي صارف مارڪيٽ، اهڙي زبردست قوت خريد سان دنيا ۾ ٻي ڪٿي به موجود ناهي. هتي آمريڪا جو ٻين وڏن ملڪن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. چين جي آبادي 1.41 ارب ۽ في فرد آمدني 13,445 ڊالر، ڀارت جي آبادي 1.46 ارب ۽ في فرد آمدني 2,880 ڊالر، جڏهن ته انڊونيشيا جي آبادي 27.9 ڪروڙ ۽ في فرد آمدني 5,000 ڊالر آهي. ڇا اهي ٽي ملڪن جا تقريباً 3 ارب صارف، جيتري محدود قوت خريد رکن ٿا، آمريڪا جي 40 ڪروڙ صارفن جو متبادل بڻجي سگهن ٿا؟
هاڻي جيڪي ملڪ ٽريف جي زد ۾ اچي ويا آهن، اهي برڪس ۽ ايس او پي جهڙين گهڻ پاسائين تنظيم ذريعي ڊالر، سوئفٽ، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي جاءِ نئون مالي نظام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پر اهو عبوري عمل مڪمل ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت گهربل آهي. موجوده صورتحال ۾ آمريڪا ۽ عالمي ڏکڻ هڪ ٻئي لاءِ اڻٽر ضرورت بڻيل آهن. ٻنهي وٽ محاذ آرائيءَ بدران مفاهمت کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي۔
جتي تائين آمريڪا جو تعلق آهي، اهو چين، روس، ڀارت، برازيل سميت ٻين ملڪن سان ڊگهي معاشي محاذ آرائيءَ جو خطرو کڻي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي اهي ملڪ آمريڪا خلاف نه ختم ٿيندڙ تجارتي ۽ مالي جنگ کڻي سگهن ٿا. هتي اهي حقيقتون ڏسڻيون پونديون جيڪي آمريڪا ۽ دنيا جي وچ ۾ خطري واري ٽڪراءَ کي روڪين ٿيون ۽ مثبت لاڳاپن کي اڻٽر بڻائين ٿيون.