پاڪستان ۾ سرويڪل ڪينسر ـ عورتن لاءِ وڌندڙ خطرو

تحرير: اعجاز علي تيوڻو

پاڪستان ۾سرويڪل ڪينسر (ٻچيداڻي جو ڪينسر) صحت جو هڪ سنجيده مسئلو آهي پاڪستان ۾ هي عورتن ۾ ٿيندڙ ٽئين نمبر تي عام ڪينسر آهي ۽ 15 کان 44 سالن جي عمر وارين عورتن ۾ ٻئين نمبر جو عام ڪينسر آهي سرويڪل ڪينسر عورتن ۾ ٿيندڙ سڀ کان عام ۽ خطرناڪ بيمارين مان هڪ آهي هي بيماري هڪ وائرس سبب ٿيندي آهي جنهن کي هيومن پيپي لوما وائرس (ايڇ پي وي ) سڏيو ويندو آهي هي هڪ خاموش ڪينسر آهي شروعاتي مرحلن ۾ ان جون علامتون ظاهر ناهن ٿينديون پر وقت سان گڏ هي سرويڪل ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو.

هن بيماري مان اهڙيون عورتون متاثر ٿين ٿيون جن کي ان وائرس کان بچاءِ جي ويڪسين لڳل نه هجي عالمي اداري صحت (WHO) جي انگن اکرن موجب هر سال دنيا ۾ لڳ ڀڳ 6 لک عورتون هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿيون ۽ اڌ کان وڌيڪ پنهنجون زندگيون وڃائي ويهنديون آهن. اسان جي ملڪ ۾ به هن بيماري بابت آگاهي ۽ بچاءُ جي سهولتن جي کوٽ سبب ڪيترين عورتن جون زندگيون خطري ۾ پيل آهن.سرويڪل ڪينسر جو وڏو سبب هيومن پيپيلوما وائرس (HPV) آهي، جيڪو جنسي طور منتقل ٿيندڙ سڀ کان عام وائرس آهي. گهڻو ڪري عورتن ۾ هي وائرس خاموشي سان داخل ٿي وڃي ٿو، ۽ سالن تائين ڪابه علامت ظاهر ناهي ٿيندي، پر آهستي آهستي ڪينسر ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ويڪسين سڀ کان مؤثر بچاءُ آهي تحقيقن موجب HPV ويڪسين سرويڪل ڪينسر کان بچاءُ جو سڀ کان مؤثر طريقو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ آسٽريليا، برطانيا ۽ ڪئناڊا ۾ ويڪسين جي عام ٿيڻ کان پوءِ سرويڪل ڪينسر جا ڪيس 70 سيڪڙو تائين گهٽجي ويا آهن. ڇوڪرين لاءِ 9 کان 14 سال جي عمر ۾ ويڪسين سڀ کان وڌيڪ ڪارائتي آهي.ڇوڪرن کي به ڪجهه ملڪن ۾ ويڪسين ڏيڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي ته جيئن وائرس جو ڦهلاءُ گهٽجي سگهي.

 جيڪڏهن نوجواني يا شادي کان اڳ ويڪسين ڏني وڃي ته ان جا نتيجا بهتر ٿين ٿا، پر بعد ۾ به فائدي مند رهي ٿي. سرويڪل ڪينسر جون علامتون شروعاتي مرحلي ۾ بيماري جي سڃاڻپ مشڪل هوندي آهي، پر ڪجهه علامتون اهم آهن: غيرمعمولي رت اچڻ، پيٽ يا پٺي ۾ مستقل سور.ٿڪاوٽ، وزن گهٽجڻ ۽ ڪمزوري.وقت سر سڃاڻپ لاءِ عورتن کي سالياني طبي جاچ ڪرائڻ گهرجي.

   صحت جي عالمي اداري جي تعاون سان پھرين مرحلي ۾ پاڪستان جي سنڌ، پنجاب، اسلام آباد ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ سرويڪل ڪينسر کان بچاءَ جي قومي ويڪسينيشن مهم 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي جيڪا 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي جڏھن ته ايندڙ سال 2026 ۾ خيبرپختونخواهه ۽ 2027 ۾ بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ھي ويڪسينيشن مھم شروع ڪئي ويندي هن مهم دوران سنڌ، پنجاب، اسلام آباد ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي 9 کان 14 سال تائين عمر جي 1 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ڇوڪرين کي ويڪسين لڳائي ويندي جنھن لاءِ 49 ھزار ليڊي هيلٿ ورڪرز کي تربيت ڏني وئي آھي جڏھن ته سنڌ ۾ 41 لک ڇوڪرين کي سرويڪل ڪينسر کان بچاءَ جا ٽڪا لڳايا ويندا جنھن جو باقاعده افتتاح صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران شھيد بينظيرآباد ۾ ڪيو ويو آھي اڄ کان شروع ٿيندڙ ويڪسي نيشن مهم جو مقصد والدين ۽ نوجوان ڇوڪرين کي ويڪسين بابت آگاهي فراهم ڪرڻ. بيماري جي خطري کي گھٽائڻ ۽ مستقبل ۾ عورتن جي زندگيون بچائڻ آهي ته جئين سماج مان هڪ خطرناڪ بيماري جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي صحتمند طرز زندگي گذاري سگھجي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.