سون وڌيڪ مهانگو ،في تولو 3 لک 86 هزار 500 رپيا ٿي ويو!

ڪراچي(رپورٽر) سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو، جڏهن ته گذريل ڏينهن سون سستو ٿيو هو، گذريل ڏينهن سون جي قيمت ۾ 4100 رپين جي گهٽتائي آئي هئي، ان کان اڳ ٻن ڏينهن ۾ 10200 رپين جو اضافو ٿيو هو، ڪالهه سون جي في تولي جي  قيمت ۾ 2500 رپين جو وڌيڪ اضافو ٿيڻ بعد قيمت 3 لک 86 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي، 10 گرام سون جي قيمت ۾ 2143 رپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ 10 گرام سون 3 لک 31 هزار 361 رپين تي پهچي ويو آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 27 ڊالر جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ في اونس قيمت 3645 ڊالر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.