ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وقتي گورنر سيد اويس قادر شاهه خيبر پختونخواهه ۾ ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع اسان سڀني جي ذميواري آهي.
پنهنجي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته باجوڙ ۽ وزيرستان ۾ 35 دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي.
هن چيو ته وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيندڙ 12 بهادر جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي، شهيدن جون لازوال قربانيون قومي تاريخ جو روشن باب آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين هيءَ جدوجهد جاري رهندي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردن يا انهن جي سهولتڪارن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.
بهادر جوانن جي شهادت تي فخر آهي، دهشتگردي جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي: اويس قادر شاهه
You might also like