سکر ۽ گڊو وٽ چاڙهه، هزارين ڪچي واسي ڦاسي پيا

سکر/گڊو(رپورٽر+ نمائندا) سکر، گڊو وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ، پنجند بئراج وٽ پاڻي جو وھڪرو 6 لک 65ھزار ڪيوسڪ پھچڻ بعد انتھائي وڏي ٻوڏ ٿي وئي. چاچڙان گيج  10 فوٽ مان 11 فوٽن تي پھچي ويو. آبپاشي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا بئراجن ۽ بندن جي عملي کي الرٽ جاري ڪندي ڏينهن رات نگراني جو چئي ڇڏيو پنجند بئراج وٽ ھڪ دفعو ٻيھر پاڻي ۾ چاڙهه سبب پاڻيءَ جو وھڪرو 6 لک 58 ھزار ڪيوسڪ مان وڌي 6 لک 65 ھزار576 ڪيوسڪ تي پھچڻ سبب انتھائي مٿانهين درجي واري ٻوڏ ھلندڙ آھي. جڏھن ته مٺڻ ڪوٽ وٽ چاچڙان گيج پڻ 10فوٽن مان وڌي  11.1 فوٽن تي پهچي ويو آهي.ھن وقت گڊو بئراج ۽ سکر وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ ھلندڙ آھي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 5 لک 12ھزار 662 ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 4 لک 80 ھزار 455 ڪيوسڪ آهي سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 4 لک 51ھزار 760ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 4 لک 18ھزار 810 ڪيوسڪ آهي ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 2 لک 59 ھزار  284 ڪيوسڪ ھيٺاهون وھڪرو 2 لک 54ھزار354 ڪيوسڪ آهي. پنجند بئراج وٽ پاڻي جو وھڪرو 6 لک 65 ھزار ڪيوسڪ تي پھچڻ سبب آبپاشي کاتي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميه بئراجن ۽ بندن جي نگراني ڪندڙ عملي کي سختي سان ھدايتون جاري ڪندي بندن جي ڏينهن رات نگراني نگراني جو جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن.ھوڏانھن ٽمونهن بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ ھيٺاهون وهڪرو هڪ لک 27ھزار687 ڪيوسڪ، تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو هڪ لک 55ھزار 464 ڪيوسڪ ھيٺاھون وهڪرو هڪ لک 43 ھزار764 ڪيوسڪ آهي منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 38321 ڪيوسڪ نيڪال 9000 ڪيوسڪ ڊيم ۾ پاڻي جي سطح   1235.35 فوٽن تي پھتل آھي ڊيم ۾ پاڻي ڀرڻ جي آخري سطح 1242فوٽ آھي جڏھن ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 46 ھزار900 ڪيوسڪ نيڪال هڪ لک 46 ھزار500 ڪيوسڪ آھي ڊيم ۾ ھن وقت پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري آخري سطح  1550 فوٽن تي پھچي ويو آهي. گڊو وٽ وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. ھن وقت ڪچي جا 30 ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن جڏهن ته سوين ايڪڙ زمين تي پوکيل ساريون ڪمند جا فضل مڪمل تباھ ٿي چڪا آهن،   سکر ۽ خيرپور ضلعي جا  ڪيترائي ڪچي جا ڳوٺ ٻوڏ کان سخت متاثر آهن، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيمون ڪيترن ئي علائقن تائين نه پهتيون آهن توڙي ڪچي واسين کي کاڌي پيتي جي شين جي سخت کوٽ آهي ۽ علاج جون سهولتون بلڪل به ناهن ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ٻارڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن ۽ پاڻي سبب علائقن ۾ مختلف قسمن جون خطرناڪ بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي ۽ علائقن ۾ وڏو بخار،مليريا، ڊائريا،خارش، ۽ چمڙي جون بيماريون سميت ٻيو خطرناڪ بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن پر ڪچي وارن کي ميڊيڪل جون سهولتون پڻ سٺي نموني فراهم ڪونه ٿيون ڪيون. ڪچي واسين دانهون ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ ٽي ڏينهن کان کاڌو ناهي، نه ڪا ٽيم آئي آهي نه ئي ڪو راشن مليو آهي صرف اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اڃا فنڊ ناهن جاري ٿيا نه ئي سنڌ حڪومت طرفان جاري ٿيا آهن هنن چيو اسان سان اخر ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڇو ٿو ڪيو وڃي ۽ اسان جي ٻچڙن جي بک جو جواب ڪير ڏيندو؟ خيرپور جي ڪچي جي علائقي واسين چيو ته ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر بندن تي ٺلها دورا ٿا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.