نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ اسيمبلين جي منظوري وارو شرط ختم ڪرڻ تي غور

اسلام آباد (امداد سومرو) اسلام آباد جي گڏجاڻين ۾ 27هين آئيني ترميم بابت ڳالهيون تيزي سان جاري آهن، ۽ ڪجهه نقطا سامهون آيا آهن، جيڪي عملدرآمد جي صورت ۾ ملڪ ۾ وڏو سياسي ٿرٿلو مچي سگهي ٿو. ذريعن موجب ترميم تحت صوبن جا اختيار گهٽائڻ، نوان صوبا ٺاهڻ جي عمل کي سولو ڪرڻ، ۽ هاڻوڪي قانون ۾ صوبائي اسيمبلين جي منظوري واري شرط کي ختم ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته اهڙي قدم سان وفاق جي بجاءِ ون يونٽ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. 27هين ترميم ۾ جيڪي امڪاني نقطا شامل هوندا اهي هن ريت آهن: آرمي چيف جو عهدو ختم ڪري ڪمانڊر ان چيف (جيڪو ٽنهي فوجن جو اڳواڻ هوندو) جو عهدو ٻيهر بحال ڪرڻ، ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر 68 سال ڪرڻ ۽ آئيني عدالت قائم ڪرڻ، فاٽا جو 2018ع وارو انضمام ختم ڪرڻ، ۽ گوادر سميت ڪجهه علائقن کي وفاقي علائقو (فيڊرل ٽيريٽري) قرار ڏيڻ شامل آهن. ٻئي طرف سياسي پارٽين اندر به ان بابت بيچيني وڌي رهي آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ رضا رباني معدنيات بابت وفاقي پاليسين جي مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه تنظيم به اهڙن معاهدن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ اعليٰ ڌرين کي درخواست ڪئي آهي ته بار ڪائونسلن ۽ وڪيلن جي اليڪشن تائين ترميمي عمل ملتوي ڪيو وڃي، ڇو ته عدليا سان لاڳاپيل نقطن لاءِ بارز جي حمايت ضروري هوندي. بار جون چونڊون نومبر تائين ٿيڻيون آهن. قومي اسيمبلي جو اجلاس 26 سيپٽمبر تي ٿيڻ جي اميد آهي، جتي ممڪن آهي ته ترميم جو ڊرافٽ پيش ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن صوبن جي اختيارن ۾ گهٽتائي آندي وئي ته سخت ردعمل ۽ مزاحمت جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر13 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.