سڀ قابلِ قبول رڳو پ پ قبول ڇو ناهي؟، ڇو اڄ به گوڙ ٿئي ٿو ته آصف علي زرداري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي: چوڌري منظور

لاهور (عوامي آواز نيوز) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته ملڪ ۾ انقلاب جو واحد رستو پيپلز پارٽي مان گذري ٿو، ٻيو ڪوبه پليٽفارم ان جدوجهد کي اڳتي نٿو وڌائي سگهي. سڀ پارٽيون قابلِ قبول آهن پر رڳو پيپلزپارٽي قبول ڇو ناهي؟ ڇو اڄ به گوڙ ٿئي ٿو ته آصف علي زرداري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي. هو ته چوي ٿو ته مان استعيفيٰ نه پيو ڏيان. هڪ تقريب ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ تاريخ جي وڏي ٻوڏ آئي آهي پر حڪومت وقت سر دنيا کان مدد ناهي گهري. چوڌري منظور چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشا جمهوريت ۽ سوشلسٽ سوچ جي ڳالهه ڪئي، جڏهن ته پارٽي ۾ فيوڊلز ۽ ساڄي ڌر وارا ڌڙا به رهيا، پر جمهوريت پسند سوچ ئي حقيقي پيپلز پارٽي جي سڃاڻپ آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاران وزيراعظم کي چيو ويو ته زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي امداد ڏني وڃي. هن جو چوڻ هو ته ڪڻڪ پوکڻ لاءِ متاثر آبادگارن کي فوري مدد ملڻ لازمي آهي، بجلي جا بل ۽ قرض معاف ڪيا وڃن. چوڌري منظور چيو ته اسان اڃا تائين ضياءَ الحق جي ڇڏيل ورثي سان وڙهي رهيا آهيون، فرقيواريت، ڪلاس ڪلچر ۽ انتهاپسندي جا ٻج اڄ به سماج ۾ ڏسجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت ۽ سماجي انصاف لاءِ جدوجهد پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪٿي به ڪامياب نٿي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.