ڪنهن جي ڌيءَ نه آهيان، پروفيشنل حيثيت ۾ مخاطب ڪيو وڃي: ايمان مزاري

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو آهي ته ايمان مزاري منهنجي ڌيئرن وانگر آهي پر منهنجي ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري طوفان پيدا ڪيو ويو ويو. هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وضاحت ڏيندي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو ته گذريل ڏينهن هن کي چيف جسٽس ۽ هڪ وڏي جي حيثيت ۾ايمان مزاري کي سمجهائي رهيو هئس. واضح رهي ته خميس ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي. عدالت ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر وچ ۾ تڪرار ۽ جملن جي ڏي وٺ ٿي. ان ئي معاملي تي اڄ وضاحت ڏيندي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر چيو ته ”ڪالهه کان ان ڳالهه کي پکيڙيو پيو وڃي، پر مون ائين ته نه چيو ته مان پڪڙي وٺندس، هادي صاحب (ايمان مزاري جو مڙس) اتي بيٺو هو، مون چيو ته کيس پڪڙي وٺي وڃو نه ته توهينِ عدالت جي ڪارروائي ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته ” مون کيس ٻارن وانگر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ نه پئي سمجهي، هر هر چئي رهي هئي بنيادي حق، ڇا هن ڪورٽ جا بنيادي حق ناهن، چيف جسٽس اهو به چيو ته جيڪڏهن توهينِ عدالت جي ڪارروائي ڪئي وئي ته ڇوڪريءَ جو ڪيريئر خراب ٿي سگهي ٿو.

عدليه جو ڪردار ذاتي جملن کان  مٿانهون هجڻ گهرجي: ڪراچي بار

ڪراچي (رپورٽر)چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرفراز ڊوگر ۽ وڪيل ايمان مزاري جي وچ ۾ لفظي تڪرار  تي ڪراچي بار چيف جسٽس اسلام آباد جي رويي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته عدليه جو وقار برقرار رکڻ بدران توهين عدالت جي ڌمڪي ڏني وئي، وڪيل جو حق آهي ته هو بغير ڪنهن خوف جي پنهنجي موئڪل جو ڪيس ويڙهي .ڪراچي بار چيو ته جڊيشل ڪائونسل ،سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار هن جو نوٽيس وٺن، عدليه جو ڪردار ذاتي جملن کان  مٿانهون هجڻ گهرجي، بار ۽ بينچ کي ملي عدالتي نظام کي بهتر ڪرڻ آهي .

ڪنهن جي ڌيءَ نه آهيان، پروفيشنل حيثيت ۾ مخاطب ڪيو وڃي: ايمان مزاري

اسلام آباد (اسد طور) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ هيومن رائيٽس وڪيل ايمان مزاري وچ ۾ تڪرار سامهون آيو آهي، جنهن عدالتي روين بابت نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. چيف جسٽس تي ايمان مزاري کي توهين عدالت جي ڌمڪي ڏيڻ جو به الزام لڳايو ويو، جڏهن ته ايمان مزاري جو چوڻ آهي ته کيس کليل عدالت ۾ هراسان ۽ ڌمڪايو ويو. واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل آيو، بار ايسوسيئيشنن مذمت ڪئي، جڏهن ته ملڪ جي 41 مقبول وڪيلياڻين گڏيل بيان جاري ڪندي چيف جسٽس جي رويي جي مذمت ڪئي. انهن لارڊ ڊيننگ جو حوالو ڏيندي چيو ته ”عدالت جي وقار لاءِ توهين عدالت جو اختيار تنقيد ڪندڙن کي دٻائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.“ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر گذريل ڏينهن وضاحت ڏيندي چيو ته ”ايمان مزاري منهنجي ڌيءَ جيان آهي، مون رڳو سمجهايو هو، پر ڳالهه کي حقيقتن جي ابتڙ پيش ڪيو ويو، مون اهو نه چيو هو ته مان پڪڙي وٺندس“ ان موقعي تي ايمان مزاري جو مڙس ۽ وڪيل هادي علي چٺا پڻ موجود هو. هن واضح طور تي چيو ته ”چيف جسٽس ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عدالت ۾ سندس اصل لفظ هئا: ”هادي صاحب هن کي سمجھايو، نه ته مان پاڻ هن کي پڪڙي وٺندس.“ ايمان مزاري چيف جسٽس جي وضاحت رد ڪندي چيو ته ”پهريان چيف جسٽس بدتميزي ڪئي، ڪم جي جاءِ تي هراسان ڪيو، ڌمڪي ڏني، کيس شرم ته نه آيو پر اڄ به صنفي رمارڪس ڏئي رهيو آهي، بدتميزي ڪري هاڻي چيو پيو وڃي ته ڳالهه غلط انداز ۾ پکيڙي وئي. مان نه ڪنهن جي ڌيءَ آهيان ۽ نه ئي ٻارڙي، مان هڪ پروفيشنل وڪيل آهيان. عدالت ۾ مون کي عزت ۽ پروفيشنل حيثيت ۾ مخاطب ڪيو وڃي.“ هن معاملي سان گڏ ئي هاءِ ڪورٽ اندر ججن جي وچ ۾ به اختلاف وڌي رهيا آهن، جتي ڪيسن جي ورهاست ۽ اهم فيصلا ڪجهه مخصوص ججن تائين محدود ڪرڻ تي سوال اٿي رهيا آهن. مبصرن موجب، صورتحال عدليا جي آزادي ۽ عدالتي وقار لاءِ وڏي آزمائش بڻجي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.