ڪراچي (رپورٽر) شاهراهه ڀٽو جي اڏاوت هيٺ حصي ۾ پيل گهارو وڌندو پيو وڃي، جڏهن ته ملير نديءَ جي وهڪرن جي ڀرائي لاءِ وڌل واري به لڙهي رهي آهي. ٻئي پاسي ماڻهو لوهه چوري ڪري رهيا، روڊ جي مضبوطي تي به سوال اٿي رهيا آهن. هوڏانهن ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب وضاحت ڪندي چيو آهي ته شاهراهه ڀٽو تي ٽريفڪ مڪمل طور روان آهي ۽ ڪم جاري آهي. هن ٻڌايو ته ٽئين مرحلي ۾ جتي ڪم ٿي رهيو آهي، اتي ماڻهن طرفان ويڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکيون ويون جنهن سان افواهن کي هٿي ملي. مرتضيٰ وهاب سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته قدرتي آفت وقت به سياسي اداڪار پنهنجو منجن وڪڻڻ لاءِ بيان بازي ۾ لڳي وڃن ٿا پر شهرين کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.