اسلام آباد (عاصما شيرازي) قطر تي اسرائيل جي تازي حملي بعد عرب دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جتي ڪيترائي ملڪ رڳو مذمتي بيانن تائين محدود آهن، پر عملي قدم کڻڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. اسرائيل گريٽر اسرائيل واري منصوبي ڏانهن اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ايران، شام، لبنان کان وٺي پاڪستان تائين ملڪن کي نشانو بڻائڻ جو خطرو شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو آهي، جتي هو ٻين مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان گڏجي صورتحال جو جائزو وٺندو. قطر جي پرڏيهي وزارت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي بيانن کي شرمناڪ ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته دوحا تي حملو القاعده سان مقابلي جيان ڏيکارڻ حقيقتن کان منهن ڦيرائڻ آهي. نيتن ياهو تازو پاڪستان جو نالو به کنيو ۽ 11 سيپٽمبر جي واقعن سان ڳنڍي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جا اشارا ڏنا. مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان واحد ايٽمي اسلامي ملڪ هجڻ ڪري اسرائيل ۽ سندس اتحادن لاءِ سدائين تڪليف جو سبب رهيو آهي. ٻئي پاسي، پاڪستاني سوشل ميڊيا تي به گهڻو ڪري پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن طرفان نيپال جهڙي بغاوت يا انقلاب جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. سياسي تجزيي نگارن خبردار ڪيو آهي ته اهڙيون تحريڪون اڳ ۾ به ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ گرفتاريون وڌائڻ جو سبب بڻيون آهن، تنهن ڪري سياسي ڌرين کي پرامن عملن ۽ ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.