اسرائيلي وزيراعظم پاران قطر حملي طور پاڪستان جو ذڪر!

يروشلم (م ڊ) سوشل ميڊيا تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو اهو وڊيو پيغام بحث هيٺ آهي، جيڪو هن آمريڪا ۾ نائين اليون حملن کي 24 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان جاري ڪيو ۽ ساڳئي تناظر ۾ قطر تي ڪيل اسرائيلي حملو جواز طور پيش ڪيو، تقريبن ٻن منٽن تي ٻڌل پنهنجي بيان ۾ نيتن ياهو پاڪستان ۽ اسامه بن لادن جو به حوالو ڏنو، نيتن ياهو قطر تي اسرائيلي حملي جو جواز پيش ڪندي چيو ته جيئن آمريڪا القاعده جو پيڇو ڪندي اسامه بن لادن کي پاڪستان ۾ ماريو هو، تيئن اسرائيل به شدت پسندن جو تعاقب ڪندو، ان موقعي تي هن قطر سميت ٻين ملڪن کي خبردار ڪيو ته هو شدت پسندن کي پناهه نه ڏين، ٻي صورت ۾ اسرائيل ٻاهرين ملڪن ۾ اهڙا حملا جاري رکندو، سوشل ميڊيا تي هڪ صارف لکيو ته پاڪستان قطر ناهي ۽ اسرائيل آمريڪا ناهي، هڪ ٻئي صارف جو چوڻ هو ته نائين اليون کي کي ڪنهن ٻئي ملڪ تي پنهنجي دهشتگرداڻي حملي جو جواز ڏيڻ لاءِ استعمال ڪرڻ بلڪل درست ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.