ملير ۽ ٻين ندين جي لنگهن تي قبضا آهن، ماڻهو ٻوڏ ۾ به تنقيد کان نه ٿا مڙن: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، وڏي وزير ، شاهراهه ڀٽو، ملير 15، سعدي ٽائون، ناردرن باءِ پاس ۽ لياري ندي جو دورو ڪري  صورتحال جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، ماڻهو تنقيد ڪرڻ کان نه ٿا مڙن، هي وقت تنقيد ڪرڻ جو نه پر ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو آهي، هن چيو ته لياري ندي ۾ چام پاڻي آيو آهي، صورتحال ضابطي ۾ آهي، ملير ۽ ٻين ندين جي لنگهن تي قبضا آهن، امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي تياري مڪمل آهي، پنهنجي ڪوتاهين جي نشاندهي تي خوشي ٿي آهي، نشاندهي ضرور ڪريو پر هي وقت لساني بنيادن تي تنقيد ڪرڻ جو ناهي، بنا جواز تنقيد کان پاسو ڪريو، تعميري تنقيد ڀلي ڪريو، هن چيو ته جيئن ئي ملير ندي مان پاڻي خارج ٿيندو، ڪورنگي ڪاز وي صاف ٿي ويندو، مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته انتظاميه کي گهرجي ته هو شهريَن کي ملير ندي، ڪورنگي ڪاز وي ۽ ٻين هيٺانهين وارن علائقن جي صورتحال کان آگاهه رکن، وزيراعليٰ قيوم آباد ۾ ڪورنگي ڪاز وي به پهتو جتي هن قيوم آباد چوڪ تي برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو، مراد علي شاهه شاهراهه ڀٽو جو به دورو ڪيو، جتي چيف سيڪريٽري آصف حيدر کيس ريسڪيو آپريشن بابت بريفنگ ڏني،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.