سنڌ ۾ هلندڙ ”سسٽم“ روڪڻ جو حڪم، لاڳاپيل ماڻهن کي منظر تان هٽڻ جي هدايت؟

ڪراچي(شڪيل نائچ) سنڌ ۾ هلندڙ ”سسٽم“ کي عارضي طور روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن کي زيرِ زمين وڃڻ لاءِ چيو ويو آهي،معتبر ذريعن موجب هدايت ڏني وئي آهي ته في الحال فرنٽ مين ڪنهن به ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار يا سب رجسٽرار سان ڪو به رابطو نه ڪن۔ وڏي پيماني تي ٿيندڙ ٺيڪن يا اربين رپين جي ادائيگين کان به پاسو ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي،ذريعن موجب گذريل هفتي  ئي طاقتور حلقن ۽ پارٽي جي قيادت ۾ هن معاملي تي ڳالهيون هلي رهيون هيون۔ شڪايت هئي ته سنڌ ۾ زمينن تي قبضن، وڏن ٺيڪن، اعليٰ آفيسرن جي پوسٽنگ ۽ اربين رپين جي ادائيگين وسيلي سڄي حڪومت ۽ صوبو يرغمال بڻايو ويو آهي۔ ان کان اڳ حڪومتي تبديليءَ جي به ڳالهه ٿي رهي هئي، پر ٻوڏ سبب ان فيصلي تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي،هاڻي چيو ويو آهي ته ”سسٽم“جا ماڻهو ڪجهه وقت لاءِ منظر تان غائب ٿي وڃن،اطلاع آهي ته ڪجهه فرنٽ مينن کي هوائي اڏي تان واپس ڪيو ويو، جڏهن⁠ ته  سسٽم سان لاڳاپيل هڪ اهم شخصيت(بيماري سبب ٻاهرين ملڪ ويل آهي،اولهه ضلعي جا معاملا سنڀاليندڙ کي به مهيني اندر معاملا اڪلائڻ جي هدايت ملي وئي آهي،ذريعن موجب هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي ته معاملا ٺيڪ ڪيا وڃن ، ٻي صورت ۾ وڏي پيماني تي نيب ۽ ٻين ادارن ذريعي ڪاروائي ٿيندي، ان وچ ۾ ڪيترا ئي ”سسٽم“ جا ماڻهو گرفتار به ڪيا ويا آهن ۽ انهن کان جاچ  ٿي رهي آهي،هن وقت اهو بحث هلي رهيو آهي ته ڇا هن سسٽم جي معطلي عارضي آهي يا مستقل؟ ڇاڪاڻ ⁠ته 2008 کان وٺي اڄ تائين 17-18 سالن ۾ اهو ”سسٽم“ مڪمل طور تي سنڌ ۾ اثر رسوخ رکي ٿو۔ سرڪاري ۽ نجي زمينن جي خريد و فروخت، رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري، وڏا ٺيڪا ۽ پوسٽنگون سڀ ان جي هٿ هيٺ آهن، جنهن جي سرپرستي اعليٰ سطح تي ٿي رهي آهي۔هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ قبضن خلاف  واقعي ڪو وڏو قدم کنيو ويندو يا معاملو ٻيهر اڳ وانگر هلندو رهندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.