نيپال ۾ ڪرپشن خلاف تحريڪ موقعي پرستن هٿان هائجيڪ ؟

کٽمنڊو(م ڊ) نيپال ۾ ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرن دوران 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ وزيراعظم ڪي پي شرما اولي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي۔ ان باوجود به ملڪ ۾ پرتشدد مظاهرا ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن، احتجاج ۾ شامل جين زي گروپن کٽمنڊو ۾ ٿيل تباهيءَ کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سندن تحريڪ موقعي پرستن هٿان هائيجيڪ ٿي وئي آهي، اسان جي احتجاج جو واضح مقصد احتساب جو مطالبو، شفافيت ۽ بدعنواني جو خاتمو هو، اسان جو مقصد ڪڏهن به روزمره جي زندگين کي متاثر ڪرڻ يا ڪنهن کي اسان جي تحريڪ جو غلط استعمال ڪرڻ ڏيڻ نه هو، جيل اختيارين مطابق، هن افراتفري دوران اولهه وارن ضلعن جي ٻن جيلن مان لڳ ڀڳ 900 قيدي فرار ٿي ويا آهن، ٻئي طرف وزيرن سميت ڪجهه اڳواڻن سيڪيورٽي فورسز وٽ پناهه ورتي آهي، کٽمنڊو ۾ فوجي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.