سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو ۽ مستقبل جا خطرا

تحرير: وفاگولو

سنڌ ۾ برساتن جو ٻيو ڏينهن به حياتيءَ لاءِ آزمائش بڻجي ويو. ڪراچي کان ڪاڇي تائين، ٿر کان ڪارونجهر تائين هر هنڌ پاڻيءَ جو راڄ آهي. ننڍڙن ٻارن کان ويندي وڏن تائين زندگيون ختم ٿي رهيون آهن، سوين گهر ڊهي پيا آهن ۽ ڳوٺن شهرن ۾ برساتي پاڻيءَ جا تلاءُ ٺهي ويا آهن. سکر، دادو، ميرپورخاص، ٺٽي، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ ٻار، عورتون ۽ مرد حادثن ۾ فوت ٿيا، ڪيترائي زخمي به ٿيا آهن. ڪنهن کي ڀت هيٺان دٻجڻ جو الميو مليو، ته ڪنهن کي بجليءَ جي ڪرنٽ سان زندگي وڃائڻي پيئي آهي.پر ان سڄي صورتحال ۾ ڪٿي به برسات جي نقصانن کي منهن ڏيڻ جو ڪو جوڳو بندوبست ناهي ڪيو ويو هرهنڌ ماڻهو بيوس نظر اچي رهيا آهن.

شهري علائقن ۾ انتظاميا جي ناڪامي ڪنهن کان لڪل ناهي. ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي تائين روڊ، رستا ۽ بازارون پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن، ٽريفڪ جام، بجليءَ جي معطلي ۽ نيڪال جي نظام جي ناقص ڪارڪردگي ماڻهن کي قيدي بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي زرعي علائقن ۾ ڦٽي، وونئڻ، ڀاڄين ۽ ٻين فصلن کي شديد نقصان رسيو آهي، آبادگارن جا سال جا خواب برسات جي ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا آهن.

پر ان الميي جو ٻيو رخ به آهي. ٿر ۾ مسلسل برسات پوڻ تي ماروئڙن جي اکين ۾ خوشي جا گلاب کلندا ڏسڻ ۾ آيا آهن. جتي ڏڪار هر سال ماڻهن کان زندگي کسي وٺندو آهي، اتي هيءَ برسات سندن مال ۽ پوک لاءِ نئين اميد بڻجي آهي. يعني سنڌ ۾ ساڳئي برسات ڪنهن لاءِ موت، ته ڪنهن لاءِ زندگي بڻجي سامهون آئي آهي..

هاڻي سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته  اهڙا ڏکيا لمحا بار بار سنڌ ۾ ڇو ٿا ورجائجن؟

عالمي سطح تي ٿيندڙ موسمي تبديليون (Climate Change) اسان جي ڌرتيءَ جي نظام کي تبديل ڪري رهيون آهن. سائنسدانن موجب پاڪستان خاص ڪري سنڌ دنيا جي انهن علائقن مان هڪ آهي، جتي گرمي پد وڌڻ، برساتن جا غير متوقع نمونا ۽ ٻوڏون وڌيڪ شدت اختيار ڪنديون. هڪ طرف پاڻيءَ جا انتهائي وهڪرا، ٻئي طرف ڏڪار ۽ پاڻيءَ جي کوٽ — ٻئي حالتون سنڌ لاءِ حياتياتي خطرا بڻجي سگهن ٿيون.

جيڪڏهن اڄ کان حڪمتِ عملي نه رٿبي، ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌ جون زرعي زمينون بيڪار ٿي سگهن ٿيون، شهري علائقا پاڻيءَ ۾ ٻڏي سگهن ٿا ۽ لکين ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. وقت جي ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته نيڪال ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي جديد بڻايو وڃي. زرعي پاليسين ۾ موسمي تبديليءَ جي حقيقتن کي شامل ڪيو وڃي. ساحلي پٽي ۽ دريائي علائقن ۾ حفاظتي بندن ۽ قدرتي نظام جي سنڀال تي ڌيان ڏنو وڃي.  ۽ سڀ کان اهم، عالمي سطح تي ماحولياتي ذميوارين تي عمل ڪري گرمي وڌائڻ وارن ڪارخانن (Greenhouse Gases) کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

سنڌ جي بارساتن جا منظر هر سال هڪ ئي سوال ڇڏي وڃن ٿا: ڇا اسان صرف روئندا رهنداسين، يا مستقبل لاءِ سنجيدگيءَ سان تياري به ڪنداسين؟

سنڌ وري ساڳئي الميي ۾ ڦاٿل آهي ــ برسات، ٻوڏ، موت ۽ بربادي. ڪالهه کان ٻئي ڏينهن تائين جاري برساتن سوين گهرن کي ناس ڪري ڇڏيو، ٽن معصوم ٻارن سميت ڪيترن ئي انسانن جون زندگيون ڳڙڪائي ويون آهن،رستا پاڻيءَ ۾ ٻڏل، بجليءَ جو نظام ڊانواڊول، مارڪيٽون بند، فصل تباھ، ۽ ماڻهو بي يارو مددگار. اهو منظر اسان لاءِ نئون ناهي، هر سال ساڳيو منظر ورجائجي ٿو، پر رڳو تاريخون ۽ فوتين جا نالا بدلجن ٿا.

سکر، دادو، بدين، ٿرپارڪر، ڪنري، لاڙڪاڻو، خيرپور، ٺري ميرواهه، ميرپورخاص، هر شهر ۾ ماڻهو ساڳئي سوال ڪري رهيا آهن: اسان جا حڪمران ڪٿي آهن؟ ڪهڙي سبب سان شهرن ۾ ڊرينيج جو نظام اڃا تائين ٺيڪ نه ٿيو آهي؟ هر سال جيان هن سال به حڪومت رڳو رپورٽن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته متاثر ماڻهو پنهنجن هٿن سان ٻار ڪڍي رهيا آهن، پنهنجي گهرن مان پاڻي ڪڍي رهيا آهن.

ٻئي پاسي فصل تباهه ٿي رهيا آهن. ڦٽي، وونئڻ، ڪمند، ڀاڄيون ــ سڀ پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ته نه صرف آبادگار برباد ٿين ٿا، پر سڄي سنڌ جي معيشت جو ڳاٽ به جهڪي پوي ٿو. اهڙي وقت ۾ حڪومت کي زرعي پاليسين ۽ آبادگارن جي بحالي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ گهرجن، پر افسوس ته نه ڪو روڊ سُڪي ٿو، نه ڪو دل سُڪي ٿو.

گڊو بئراج تي وڏي ٻوڏ جو خطرو لٽڪيل آهي، سکر ۽ ڪوٽڙي تائين درياهه جا وهڪرا وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن بند ٽٽي پيا ته پوءِ انساني الميي جو اهو سلسلو وڌيڪ خوفناڪ شڪل اختيار ڪندو. ان ڪري سوال اڀري ٿو ته ڇا سنڌ کي هر سال برسات ۽ ٻوڏ سان گڏ دفن ٿيڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي؟

سنڌ جا ماڻهو هاڻ رڳو حڪومت کان سوال نٿا ڪن، پر پاڻ وٽ به سوال کڻي آيا آهن: ڇا اسان کي پنهنجي ڳوٺن، گهرن ۽ زندگين کي هر سال قدرتي آفت جي نالي ۾ قربان ڪرڻو آهي؟ يا اسان وٽ به ڪو اهڙو نظام هوندو، جتي برسات رحمت بڻجي ۽ نه ته عذاب؟

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران زباني جمع خرچ بدران عملي قدمن سان اڳيان اچن. ڊرينيج جو جديد نظام، مضبوط بند، وقت سر بچاءَ واري ڪارروائي ۽ متاثرين جي بحالي بغير ڪوڙن اعلانن جي ــ اهو ئي وقت جو تقاضو آهي. جيڪڏهن هاڻ به خاموشي رهي ته ايندڙ نسل اسان کي رڳو بيوسيءَ جي تاريخ ۾ پڙهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.