هوائي حدن جي تحفظ ۽ هر چئلينج لاءِ تيار آهيون: ايئر چيـف مارشل

اسلام آباد(بيورو)  پاڪ فضائيه جي سربراهه، ائير چيـف مارشل ظهير احمد بابر صديقي چيو آهي ته پاڪ فضائيه خلائي صلاحيتن، اليڪٽرانڪ وارفيئر ۽ جديد سائبر ٽيڪنالاجي ذريعي ملڪ جي فضائي سرحدن جي تحفظ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي ۽ هر چيلينج جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ملڪ ۾ 7 سيپٽمبر تي 1965ع جي جنگ دوران وڙهيل فضائي معرڪي جي ياد ۾ يومِ فضائيه جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، آءِ ايس پي آر موجب، سڄي ملڪ جي ايئر بيسز تي يومِ شهدداءِ جي سلسلي ۾ تقريبون ٿيون، جتي 1965 ۽ 1971 جي شهيدن کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو، مرڪزي تقريب ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ٿي، جتي ائير چيـف ظهير احمد بابر صديقي پاڪ فضائيه جي شهيدن جي قربانين، بهادري ۽ پيشه ورانه صلاحيتن کي سلام پيش ڪيو، هن يادگارِ شهداءِ تي گل رکيا ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي، ائير چيـف جو چوڻ هو ته ”يوم شهداءِ) اسان کي هٿياربند فوج جي غير معمولي بهادري، شاندار صلاحيتن ۽ بي لوث قربانين جي ياد ڏياريندو آهي، معرڪه حق جون ڪاميابيون ثابت ڪن ٿيون ته پاڪ فضائيه فضائي سرحدن جي دفاع لاءِ مڪمل عزم رکي ٿي ۽ هر حال ۾ ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.