ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجند ۾ تقريبن 7 لک ڪيوسڪ تائين وهڪرو اچڻ جو امڪان آهي، اسان تيار آهيون، ڪچي جو عوام اسان کان وڌيڪ تجربي ڪار آهي، اهي ڄاڻين ٿا ته ٻوڏ ڪيترن ڏينهن تائين رهندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو اميد ته 8 لک ڪيوسڪ جي وهڪري کي خيريت سان گذاري وٺنداسين، ڪراچي ۾ به برسات جي حوالي سان تياري ڪئي آهي، تونسا مان 2 لک 17 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو سنڌو درياهه ۾ ايندو، 9 سيپٽمبر تي گڊو بيراج تي پاڻي عروج تي هوندو، ماڻهن کي ڪڍڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. هن چيو ته سکر ۾ ويئر هائوس ۾ امدادي سامان پهچايو ويو آهي، رليف ڪيمپ جي جيو ٽيگنگ ڪيل آهي، لائيو اسٽاڪ لاءِ ويڪسينيشن جي سهولت موجود آهي، ماڻهو پاڻ به لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، پنهنجي گهرن کي ڇڏڻ ڪنهن لاءِ سٺو ناهي هوندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي، اسان ان حوالي سان تياري ڪري ورتي آهي، مينهن ٿا وسن، ماڻهو گهرن مان نه نڪرن، ٻوڏ سبب 3 لک 24 هزار ماڻهو بي روزگار ٿيندا.وڏي وزير چيو ته ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين مان پاڻي ڪڍڻ جا قدم فائديمند ثابت ٿيندا. صوبو انڊس هاءِ وي تي پُل به ٺاهي رهيو آهي.پنجاب جي صورتحال بابت مراد علي شاهه چيو ته اتي حالتون گهڻيون سنجيده آهن .