سنڌو ۾ چاڙهه کان پوءِ بند تي ويٺل ڪچي واسي بي يارو مددگار

سکر (رپورٽ: سيد نعيم شاه)سکر پنجند وٽ پاڻي جو وڏو وهڪرو پهچي ويو آهي، جنهن کي انتهائي وڏي ٻوڏ قرار ڏنو ويو آهي. پنجند تي 5 لک 98 هزار 948 ڪيوسڪ پاڻي جي لهر داخل ٿي وئي آهي، جيڪا ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ گڊو بئراج تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. تازن انگن اکرن موجب گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو4 لک هڪ هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 24 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 283 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 31 هزار 763 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي ويجهو لڳل ضلعا خاص طور تي ڪشمور، گھوٽڪي، سکر، خيرپور کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ رليف ڪيمپس قائم ڪري رهيل ماڻهن جي منتقلي لاءِ پلان تيار ڪن پر افسوس جو صرف ڪئمپ قائم آهن باقي ٻيو ڪجھ ناهي جڏهن ته صحت کاتي کي هنگامي طبي ڪيمپس قائم ڪرڻ ۽ خوراڪ کاتي کي متاثرن لاءِ راشن ذخيرو رکڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ٻوڏ خطري هيٺ آيل علائقن جي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته انتظاميا صرف دورا ڪري رهي آهي پر عملي قدم اڃا تائين نظر نٿا اچن. هڪ ڳوٺاڻي جو چوڻ هو ته اسان جا مال ۽ ٻچڙا درياهه ڪناري تي آهن، پر ڪنهن به آفيسر اسان جي ڳوٺ ۾ اچي حال نه پڇيو آهي. اسان کي نه رليف ڪيمپ ڏني وئي آهي ۽ نه ئي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن گڊو بئراج وٽ دٻاءُ وڌيو ته هي لهر سکر ۽ پوءِ ڪوٽڙي تائين وڌيڪ شدت سان پهچي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ نيڪال جو نظام ۽ حفاظتي بند سخت آزمائش مان گذرندا  ڪچي واسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪاغذي بيانن بدران عملي قدم کڻي عوام ۽ سندن چوپائي مال کي محفوظ بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.