سنڌ حڪومت بند ٽوڙيا ته احتجاج ڪيو ويندو:ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر)  جماعت اسلامي سنڌ چتاءُ ڏنو آھي ته  جيڪڏھن پ پ جي سنڌ حڪومت طرفان سنڌ ۾ بندن کي ٽوڙي هٿرادو ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪئي ويئي ته  جماعت اسلامي سموري سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪندي.انڪري عوامي مفادن خاطر گڊو توڙي سکر بئراجن جا در کولي پاڻي کي پنھنجي اصل ھنڌ سمنڊ تائين پھچايو وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پنھنجي جاري ھڪ بيان ۾ چيو ته  پ پ قيادت جي سرپرستيءَ ۾ بيوروڪريسي طرفان مال ميڙڻ ۽ ڪرپشن لاءِ سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻوڙڻ جي حوالي سان سموري سنڌ مان شڪايتون اچي رھيون آھن. سنڌ واسي 2010 توڙي 2022 ۾ درياهه جي ٻوڏ ۽ برساتن جي اثرن مان اڃان تائين ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.