پاڪستان ۾ 2025ع جي لاڳيتي چوماسي جي ٻوڏن جي ڪري، 2022ع کان پوءِ وري تباهي آئي آهي، ملڪ هڪ اهڙي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جون جي مھيني کان وٺي سڄي ملڪ ۾ 880 کان وڌيڪ انساني زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن (ياد رکڻ گھرجي ته 2022 ۾ 1739 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ھئا)، ان سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 21 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. اڄ جڏھن اوهان ھي ليک پڙھي رھيا آھيو ته سنڌ تان سپر فلڊ درياھي تمام وڏي ٻوڏ جو خطرو ٽري چڪو آھي پر پوءِ به سنڀار مڪمل رکڻي آھي. ست سيپٽمبر منجھند جو پنجند تي پاڻي وڃي ڇھن لکن کي ڇھيو آھي، جيڪڏھن ان جو ستر سيڪڙو پاڻي گڊو تي پھچي ۽ ان ۾ سنڌو وارو پاڻي گڏائجي ته پوءِ جيڪو چوندا پيا اچون ته ڇھن کان ست لک ڪيوسڪ پاڻي ٿيندو؛ مالڪ اڳتي مھر ڪندو
پنجاب شديد نقصانن جو مرڪز
پنجند تي پاڻي جو دير سان وڌڻ ان ڳڻتي کي گھرو ڪري ٿو ته پاڪستان جو دل، پنجاب ان بحران جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن جي 28 ضلعن ۾ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. صوبي ۾ سڀ کان وڏي ريسڪيو آپريشن ذريعي لڳ ڀڳ 500،000 ماڻهن کي ڪڍيو ويو ۽ کين بي گهر ٿيڻو پيو آهي. درياهي ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 43 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن (ان ۾ 26 جون 2025ع کان برساتن جي ڪري شهري ۽ ٻيون ٻوڏون سبب ٿيندڙ اڳوڻيون فوتگيون شامل نه آهن). اوڀر ۽ ڏکڻ پنجاب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، جتي لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ڳوٺ ٻڏي ويا آهن ۽ امدادي نظام اڻپورو لڳي رھيو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ اوچتو آيل ٻوڏ ۽ لينڊ سلائڊنگ سبب سوين زندگيون ضايع ٿي ويون آهن، جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير به وڌندڙ پاڻي ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر جي ڪري وڌيڪ خطرن ۾ آهن. جاگرافيدان گلبرٽ ايف وائيٽ جو 1945 ۾ چوڻ ھاڻ ڄڻ ثابت ٿيل آهي ته "ٻوڏون ‘خدا جي طرفان’ آهن، پر ٻوڏ جا نقصان گهڻو ڪري انسان جو عمل آهن.” هي آفت، جيڪا انتظامي ناڪامين، قبضن ۽ نظرانداز ڪيل وارننگز/ تنبيھن جي ڪري وڌي وئي آهي، هڪ وڌيڪ ڳوڙھي بحران کي ظاهر ڪري ٿي: ٻوڏ متاثرين کي اهو خوف آهي ته امدادي ڪيمپون – جيڪي زندگيون بچائڻ لاءِ آهن – سندن عزت نفس ۽ وقار لاءِ پاڻ ٻوڏ کان به وڏو خطرو آهن.
خوف جا سبب: اسان کي ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته شديد خطرن جي باوجود ماڻھون پنھنجا گھر تڙ ۽ وٿاڻ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھوندا آھن۔ ڇو جو کين لڳندو آھي ته ٻوڏن کان وڏو خطرو ڪيمپون آهن۔ پاڪستاني ماڻهن لاءِ وهندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪنهن بيوقوفيءَ جي ڪري نه پر هڪ سوچيل سمجهيل خوف آهي. هو پنهنجن گهرن جي بچيل حصن سان چنبڙيل آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ ٺهيل ڪيمپن ۾ پنهنجو وقار وڃائڻ کان ڊڄن ٿا. اهو خوف پاڪستان جي سرڪاري شعبي ۽ حڪومتي امدادي ڪيمپن جي انتظام ۾ ناڪامين جي ڪري آهي. ڪاغذن ۾، نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) "آرام، عزت ۽ وقار” سان سنڀال جو واعدو ڪري ٿي. پر حقيقت ۾ افراتفري ۽ مايوسي عام آهي، جيڪا ڪيمپن کي بي عزتي، ذهني صدمي ۽ بيمارين جو مرڪز بڻائي ٿي.
اهو مسئلو نئون ناهي. 2010ع جي ٻوڏ، جنهن ۾ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو متاثر ٿيا، تنھن لاءِ تحقيقي شاهديون موجود آھن ته ماڻھن کي ڪڍڻ، امدادي ڪئمپن ۽ بحالي جا ڪم "سست ۽ غير منظم” ھئا: امدادي قافلن کي ڦريو ويو، ۽ گندي پاڻي ۽ خراب صفائي جي ڪري گيسٽرو اينٽرائٽس/ پيٽ جون بيماريون ۽ دستن جي وبا پکڙجي وئي هئي. ڪمزور ماڻهو – عورتون، ٻار، بزرگ ۽ معذور – متڀيد ۽ نظرانداز ٿيڻ جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيا. هڪ ڏهاڪي کان پوءِ، 2022ع جي ٻوڏ ان ڳالهه کي وڌيڪ واضح ڪيو: 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، سروي ۾ بدعنواني کي امداد حاصل ڪرڻ جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ قرار ڏنو ويو.
انساني حقن جي ڀڃڪڙي: انساني عزت نفس ۽ ڀرم –
عالمي انساني امدادي ڪارروائي هڪ مضبوط اخلاقي ۽ انساني حقن جي فريم ورڪ/ گھاڙيٽي تي قائم آهي، جنهن ۾ هيومينيٽيرين چارٽر شامل آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ جي وقار ۽ عزت نفس سان رهڻ، امداد حاصل ڪرڻ ۽ تحفظ حاصل ڪرڻ جي حق جي تصديق ڪري ٿو. ان جا اصول – انسانيت (تڪليف گهٽائڻ)، غير جانبداري (صرف ضرورت جي بنياد تي امداد) ۽ آزادي – شفاف، منصفاڻي امداد جو مطالبو ڪن ٿا.پر، پنجاب جي ڪيمپن ۾، شايد 2022 جھڙو ورجاءُ ٿيو آھي ۽ انهن اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي۔
وقار سان سمجھوتو: گهڻي ڀاڱي گڏيل ۽ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ جڳهن جي کوٽ عورتن کي نجي زندگيءَ کان محروم ڪري ٿي. لاهور ويجهو چنگ ۾، هڪ اسڪول جي ڪيمپ ۾، 2,000 ماڻهن کي ڳُتيل ۽ گدلين حالتن ۾ رکيو ويو؛ عورتون گندي ڪپڙن ۾ ڏينهن گذارين ٿيون، صفائيءَ جي سامان لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون ۽ سندن حاجتون ۽ عورتن جي خصوصي ضرورتن بابت ڪنھن کي پرواھ ناھي، گھٽ ۽ گندگي سان ڀريل ڪاڪوس ۽ غسلخانا سندن اھنجن ۾ عذاب جيان آھن۔
بنيادي ضرورتون نامڪمل: غير محفوظ پاڻي ۽ خراب صفائي بيمارين جي پکڙجڻ جو سبب بڻجن ٿا. ميڊيڪل ڪيمپن ۾ روزانو 200-300 مريضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو. ذهني دٻاءُ به وڌي رهيا آهن، خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن لاءِ جن پنهنجا گهر وڃايا آهن. بزرگن ۽ معذورن کي اڻلڀ سهولتون درپيش آهن. غير منصفاڻي امداد: بدعنواني ۽ سياسي مداخلت برقرار آهي ۔ اھي غير جانبداري جي خلاف ورزي ڪندڙ عمل آھن. حاڪم سياستدانن طرفان امدادي ڪمن کي تشھير لاءِ اسعمال ڪرڻ ۽ راشن باڪسن تي پنهنجي برانڊنگ ڪرائڻ – امداد کي هڪ تماشو بڻائڻ جي الزام کي وڌائن ٿيون.
موجوده حقيقت: تلخي جو سلسلو
جڏهن ته ڪجهه ھاڪاري تبديليون سامهون آيون آهن – جهڙوڪ بهتر اڳواٽ اطلاعن جو نظام ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال – اهي صرف مٿاڇري تي آهن. ڪيمپن جا حال 2010ع ۽ 2022ع وارو ئي ورجاءُ آهي. سيپٽمبر 2025ع جي شروعات تائين، پنجاب ۾ 395 کان 511 امدادي ڪيمپ قائم ڪيون ويون ( مختلف انگ اکر) ، جتي لڳ ڀڳ 12,500 يا 14,393 بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏني وئي. انهن کان علاوه چارسؤ جي لڳ ڀڳ ميڊيڪل/ صحت جون ڪئمپون ۽ ان جي لڳ ڀڳ جانورن جون وٽنري ڪئمپون پڻ موجود آهن. پر هي انگ تمام خراب حالتن کي لڪائين ٿا: جهڙوڪ سخت رش، جتي هزارين ماڻهو ٻه واش روم استعمال ڪن ٿا؛ ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ماني ملڻ؛ ۽ مال / جانورن کي گاھ پٺ نه ملڻ جي ڪري بک ۾ پاھ ٿيڻ. ساهيوال ۾ 30 ڪئمپون 49 ڳوٺن ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ قائم ڪيون ويون، پر رپورٽون صاف پاڻي، ميڊيڪل امداد ۽ صفائيءَ جي سهولتن جي کوٽ کي اجاگر ڪن ٿيون. ستلج، چناب، ۽ راوي ندين جي ڪنارن تي متاثر ضلعن ۾، ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، گهر خالي ڪيا ويا آهن ۽ ڪئمپن ۾ انفيڪشن ۽ ذهني دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
تڪليف ۾ قاتلن لاءِ وقار جو رستو: ان لاءِ ضروري آهي ته هڪ اهڙو نظام ٺاهيو وڃي جيڪو تڪڙي رد عمل بدران وقار تي ٻڌل هجي۔.
اڳواٽ رٿابندي: اڳواٽ مضبوط رٿابندي، ڪمزور ۽ ڏتڙيل ماڻهن، عورتن، ڳورھاري عورتن، ٻارن، مختلف حيثيت واري صلاحت وارا ماڻھو، ذات پات جي ور چڙھيل ۽ مذھبي اقليت طور ڪمزور ٿيلن کي ذھن ۾ رکندي اھو ڪجهھ ڪيو وڃي.
اصولن تي عمل: امداد جي شفاف ورڇ، صفائيءَ جو سامان (hygiene kits) ۽ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ واش روم. بزرگن ۽ معذورن لاءِ موبائل ڪلينڪ ۽ ذهني مدد ضروري آهي.
غير جانبداري ۽ تحفظ: بدعنواني کي کليل روڪڻ، ۽ امداد کي بنا سياسي مداخلت جي ضرورتمند ماڻهن تائين پهچائڻ.
متاثرين جي شموليت: متاثرين کي امدادي ڪاررواين جو مرڪز بڻايو وڃي، جنهن سان خطري کي 40 سيڪڙو گهٽائي سگهجي ٿو.
ادارتي سڌارا: اين ڊي ايم اي جي ڪميونٽي سان رابطن کي مضبوط ڪيو وڃي، صحافين ۽ سول سوسائٽي طرفان آزاد نگراني جو خيرمقدم ڪيو وڃي. امداد کي نقدي/ پئسن جي بنياد تي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ خودمختاري اچي.
سڀني ڌرين کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته آفت طرز حڪمراني ۽ ادارتي انتظامڪاري کي پرکي ٿي، سياست کي نه. امداد، ڦاٿل ماڻھن کي ڪڍڻ ۽ رٿابندي بابت شفاف ۽ قابل تصديق ڊيٽا ضروري آهن. فقط تڏهن پنهنجا گهر ٻيهر اڏي سگھبا۔ ماڻھو وري پنھنجي زندگي ڏانھن موٽندا ۽ حڪومت تي اعتماد کي به بحال ڪري سگهبو. تيستائين، ڪيمپن جا تجربا ٻوڏن کان وڌيڪ تلخ رهندا، ۽ تڪليف جو سلسلو جاري رھندو ۔