تازو پنجاب ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن. هن وقت تائين لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سوين جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ٻارن ٻڍن سميت هزارين ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. سڀ کان وڌيڪ، صوبي جي زرعي معيشت جو مستقبل داء تي لڳل آهي. چانور، ڪپهه، مڪئي ۽ ڀاڄين سميت ٻيا فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. انسانن ۽ جانورن جي لڏپلاڻ بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. ان جي سببن ۾ نه رڳو موسمياتي تبديلي شامل آهي پر ان ۾ اسان جون ڪمزوريون به شامل آهن. قدرتي آفتون هڪ حقيقت آهن. بهرحال، ڪمزور حڪومتي حڪمت عمليون، ناڪافي امدادي سامان، انفراسٽرڪچر ۽ دير سان مدد نقصان کي وڌيڪ گهرو بڻائي ڇڏيو آهي.هن وقت قدرت هڪ سخت آزمائش موڪلي آهي. هاڻي، سرڪاري سطح تي تڪڙا قدم کڻڻ، هڪ شفاف امدادي نظام ٺاهڻ، ۽ متاثرين لاءِ اثرائتي بحالي جا منصوبا ناگزير آهن. سڀ کان وڌيڪ، متاثرين لاءِ اثرائتي ۽ تيز صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ آهي ڇوته عام چوڻي آهي ته ”جيءُ خوش ته جهان خوش“.
پنجاب صوبي ۾ صحت لاءِ هڪ منفرد انتظامي ڍانچو آهي، جنهن ۾ ٻه الڳ الڳ صحت جا کاتا شامل آهن:هڪ صحت کاتو ۽ آبادي جو کاتو۔يعني هڪ خاص صحت جو کاتو ۽ ٻيو طبي تعليم جو کاتو. انهن کاتن جي ورهاست جو مکيه مقصد عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ئي آهي، ننڍن ۽ وڏن اسپتالن ۽ ڳوٺاڻن صحت مرڪزن جي ڪارڪردگي وڌائڻ، ۽ وڏن شهرن ۾ تدريسي اسپتالن کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ آهي. بدقسمتي سان، هي ٻئي عوامي رليف فراهم ڪرڻ بدران هڪ پيچيده بيوروڪريسي نظام ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عوام جا درد ٻيڻا ٿي ويا آهن ڇوته نه ئي اسپتالن ۾ سهولتون مڪمل طور تي موجود آهن ۽ نه ئي عملو پورو آهي. پنجاب جي صحت کاتي ۾ ٻه وزير مقرر آهن اهي ٻئي وزير لاهور سان تعلق رکن ٿا ۽ پنهنجي محنت ۽ سياسي ڪم لاءِ سڃاتا وڃن ٿا. لاهور کي مسلم ليگ (ن) جو شهر سڏيو ويندو آهي. ان حوالي سان، انهن ٻنهي وزيرن جي ذميواري کاتي ۽ پارٽي ٻنهي سطحن تي اهميت جوڳي آهي. ٻئي طرف، ٻنهي صحت کاتي جا سيڪريٽري پنهنجن وزيرن کان وڌيڪ طاقتور آهن، ۽ عام تاثر اهو آهي ته اهي ئي آهن جيڪي حڪومت ۽ کاتي تي غلبو حاصل ڪري ويٺل آهن۔ جيڪو انهن وزيرن سان ماضيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو، ته ان تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪري کيس دربدر ڪن ٿا يعني ان خلاف انتقامي ڪاروايون ٿيڻ لڳن ٿيون۔
جيڪڏهن اسان پنجاب ۾ صحت جي نظام تي نظر وجهون ٿا ته حڪومت طرفان وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون وينديون آهن. هر حڪومت پنهنجي دور ۾ صحت جي سهولتن کي اولين ترجيح سمجهي ٿي. "هيلٿ ڪارڊ” جو نعرو به بلند ڪيو ويندو آهي، "مفت دوائن” جي به ڳالهه ڪئي ويندي آهي، ۽ اسپتال اندر هر سهولت جو اعلان ڪري ماڻهن کي خوش ڪيو ويندو آهي، پر زميني حقيقتون انهن دعوائن سان نه ٿيون ملن. جنهن جو ثبوت عوامي گڏجاڻيون آهن جتي شڪايتن جا ڍير لڳل رهندا آهن۔ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون ختم ٿي ويون آهن۔ ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض کي سرڪاري ڊاڪٽر خانگي دوائن جا پرچا ڀري ڏين ٿا جيڪڏهن مريض کي دوا خانگي ئي وٺڻي آهي ته پوءِ خانگي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ۾ ڪهڙي تڪليف ٿيندي۔ ايمرجنسي وارڊز ۾ رش ايتري آهي جو هڪ ڊاڪٽر کي سوين مريض ڏسڻا پوندا آهن، ڊاڪٽر اڪثر ڪري ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾ موجود ئي نه هوندا آهن.هن وقت ماڻهو پنهنجي گهرن مان نڪري ڪئمپن ۾ لاوارث ٿي ويٺل آهن، هن وقت ايمرجنسي واري صورتحال ۾ نه رڳو ڊاڪٽر مقرر بيحد ضروري آهي بلڪه بنيادي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ به لازمي آهي۔ جيڪڏهن ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ هوندي ته مريض تڙپي تڙپي دم ڏيندا۔ جنهن جي ڪري عملي جي کوٽ کي فوري طور پورو ڪري مريضن جو مناسب علاج ڪريو، صحت جو شعبو ٻن الڳ الڳ حصن ۾ ورهايل آهي۔ انهن شعبن ۾ ورهائڻ جو مقصد اهو هو ته پرائمري ۽ سيڪنڊري سطح تي عوام کي صحت جون سهولتون مفت ملي سگهن۔ پر اسپتالن ۾ اربين روپين جي بجيٽ هئڻ باوجود به مريضن کي نه دوا ٿي ملي ۽ نه کاڌو ٿو ملي۔ اسپتالن تي هڪ مافيا جو قبضو آهي، جيڪا حقيقت ۾ فنڊ جي ورڇ ۾ مسئلا پيدا ڪري ٿي جنهن ڪري ننڍيون وڏيون اسپتالون ۽ ٻهراڙي جا صحت مرڪز اڪثر نظرانداز ڪيا وڃن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔اهو حشر پوري ملڪ جي اسپتالن سان آهي۔اسپتال جا اسٽور خالي پيا آهن، ڪيترين ئي اسپتالن ۾ ايڪس ري، الٽراسائونڊ، سي ٽي اسڪين ۽ ڊائلسس مشينون خراب پيون آهن، جن کي مرمت ڪرڻ يا پرزا آرڊر ڪرڻ ۾ ڇهه ڇهه مهينا لڳي وڃن ٿا، وڏن شهرن جي اسپتالن ۾ مريضن جي رش ايتري ته وڌيڪ آهي جو ڪيترائي مريض فرش تي يا راهدارين ۾ ليٽندي نظر اچن ٿا، اسپتالن ۾ صفائي جي صورتحال تمام خراب آهي، جنهن ڪري چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي به اسپتال ايندي ئي انفيڪشن جو خطرو وڌي ٿو.
اهڙين حالتن ۾، سرڪاري اسپتال ۾ وڃڻ هڪ عام شهري لاءِ هڪ وڏو امتحان بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو پنهنجي مريض کي اسپتال وٺي ٿو وڃي ته ان کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڪو ٽيسٽ تجويز ڪيو وڃي ٿو ته اسپتال جي ليبارٽري جي مشين خراب ملي ٿي يا ڪئميڪل جي کوٽ ٻڌائي وڃي ٿي. هي سڄي صورتحال ماڻهن ۾ سخت مايوسي ۽ بي اعتمادي کي جنم ڏئي رهي آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته ٻه شعبا ٺاهڻ جي باوجود، انهن جي زندگين ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. ٻهراڙي جي صحت مرڪزن ۾ ڊيوٽي ڏيڻ بدران، ڊاڪٽر شهرن ۾ خانگي پريڪٽس کي ترجيح ڏين ٿا. ملڪ جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، پر اسپتالن جي تعداد ۽ سهولتن جي کوٽ ۾ ساڳئي رفتار سان واڌ نه ٿي آهي.جيڪڏهن ملڪ جي صحت جي نظام کي بهتر نه بڻايو ويو ته ملڪ اڃا وڌيڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي ويندو۔
جيڪڏهن ملڪ جي ماڻهن کي بيمارين کان بچائڻو آهي ته ڪجهه بنيادي قدم کڻڻا پوندا، جهڙوڪ ڊاڪٽرن پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرتي وڌائڻ، ۽ ٻهراڙيء وارن علائقن ۾ خدمتون فراهم ڪندڙ ماڻهن کي خاص ترغيب ڏيڻ شامل هوندو۔ان سان گڏوگڏ دوائن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ پڻ حڪومت جي زميوارين ۾ شامل آهي.