ڀارت کان چناب ۽ ستلج ۾ نوان وهڪرا داخل، خانڪي پل تي دٻاءُ

لاهور(م ڊ) ڀارت کان هڪ ٻيو وهڪرو ڪشمير جي علائقي اکنور مان چناب درياهه ۾ داخل ٿي ويو آهي. چناب درياهه ۾ هيڊ مرالا وٽ انتهائي مٿاهين درجي جي ٻوڏ آهي، جنهن سبب چناب پل کي هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، چناب ۾ هيڊ مرالا واري هنڌ ٻوڏ صورتحال تي انتظاميا هاءِ الرٽ آهي. پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان ڇڏيل ٻوڏ وهڪرو هاڻي هيڊ خانڪي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترائي ڳوٺ خالي ڪرايا ويا آهن. ٻوڏ وهڪري سبب هيڊ خانڪي پل ڀرسان پهريون گهارو هڻڻ تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن، گهارو تڏهن هنيو ويندو جڏهن پاڻي جو وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويندو. ذريعن موجب، ڀارتي هاءِ ڪميشن ستلج درياهه ۾ ٻوڏ بابت پاڪستان کي آگاھه ڪيو، جنهن بعد آبي وسيلن واري وزارت فلڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي هاءِ ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ستلج ۾ هريڪيا زيرين ۽ فيروزپور زيرين ۾ مٿاهين درجي جي ٻوڏ جا اطلاع آهن. ڀارتي هاءِ ڪميشن جي خط ۾ توئي درياهه ۾ به والاريل ڄمون ۽ ڪمشير وٽ مٿاهين درجي جي ٻوڏ جو اطلاع ڏنو ويو آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنجاب خبردار ڪيو آهي ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 5 سيپٽمبر تائين برساتن جو سلسلو جاري رهندو، جنهن سبب ٻوڏ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي طرفان پيش ڪيل ڊيٽا مطابق، ٽنهين وڏن دريائن ۽ هيڊ ورڪس تي پاڻي جي سطح ۽ وهڪرن جي صورتحال ڪجهه هن ريت آهي. چناب ۾ مرالہ هيڊ ورڪس  4,68,000 ڪيوسڪ خانڪي هيڊ ورڪس تي 3,39,470 ڪيوسڪ ، تريموں هيڊ ورڪس تي 3,55,744 ڪيوسڪ، قادر آباد هيڊ ورڪس تي 2,32,450 ڪيوسڪ ۽ چنيوٽ پل تي 1,08,343 ڪيوسڪ آهي. ستلج ۾ جي ايس والا وٽ 2,69,501 ڪيوسڪ، سليمانڪي هيڊ ورڪس تي 1,22,736 ڪيوسڪ  راوي درياءَ تي  جسڙ تي 71,010 ڪيوسڪ، شاهدرا وٽ 53,630 ڪيوسڪ، بلوڪي هيڊ ورڪس تي 1,17,655 ڪيوسڪ ۽ سڌنائي وٽ 1,93,470 ڪيوسڪ پاڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.