اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ مان چيئرمين اين ڊي ايم اي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ورتي، چيئرمين اين ڊي ايم اي وزيراعظم شهباز شريف کي راوي، چناب ۽ ستلج دريائن ۾ چاڙهه بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته دريائن ۾ وڌندڙ چاڙهه کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروايون تيز ڪيون وڃن ۽ مڪمل تياريون اڳواٽ مڪمل ڪيون وڃن، شهباز شريف صوبائي حڪومتن سان مڪمل سهڪار سان حفاظتي اپاءُ اختيار ڪرڻ، متاثر علائقن ۾ عوام کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ امدادي ڪم فوري طور تي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو.