ڪراچي(رپورٽر) فوڪل پرسن ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بئراج رائيٽ بئنڪ صوبائي وزير اوقاف، زڪوات ۽ عشر سيد رياض حسين شاهه شيرازي جي صدارت ھيٺ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان دربار هال مڪلي ۾ اهم ۽ هنگامي اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراني سميت آبپاشي، صحت، روينيو، لوڪل گورنمينٽ، لائيو اسٽاڪ، سوشل ويلفيئر، پبلڪ هيلٿ، هاءِ ويز، بلڊنگز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏ وڏي انگ ۾ بلدياتي نمائندن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ تڪڙا قدم کڻڻ بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا۔ اجلاس دوران ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ حفاظتي قدم، حفاظتي بندن جي نگراني ۽ صورتحال، امڪاني متاثر علائقن جي نشاندھي، ڪچي مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ، رليف ۽ ميڊيڪل ڪيمپن جي قيام تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ ان موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام جي تحفظ، ڪچي مان ماڻهن جي بروقت منتقلي، ٻيڙين جي دستيابي، ريسڪيو ۽ رليف ٽيمون موجود رکڻ سميت حفاظتي بندن جي مسلسل نگراني سان گڏو گڏ سموران ضروري انتظام يقيني بڻايا وڃن۔ ضلعي ٺٽي ۾ داخل ٿيندڙ مجموعي پاڻي اٽڪل ساڍا پنج لک کان ڇھ لک ڪيوسڪ تائين ٿي سگهي ٿو جنھن سان ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو خدشو آھي.