اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ۾ جاري شديد برساتن ۽ ٻوڏن سبب گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته ملڪ کي سخت غذائي بحران ۽ مهانگائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.ترڪي جي انادولو ايجنسي جي رپورٽ موجب، بدترين ٻوڏ زرعي علائقن کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي:هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصلون پاڻي هيٺ اچي ويون.چانور، گنا ۽ ترن جا فصل خاص طور تي تباهه ٿي ويا. انساني همدردي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوآرڊينيٽر محمد يحييٰ چيو:هي معمولي ڳالهه ناهي، پر هاڻي اهو نئون معمول بڻجي رهيو آهي. موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ تباهي کڻي اچي رهي آهي.“هن حافظ آباد جي ٻڏل ڌان جي فصلن جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته: ”جيستائين نظر وڃي ٿي، کيت پاڻي ۾ ٻڏل آهن. هاڻي ڪاشتڪار ڪيترائي مهينا بنا فصل ۽ آمدني جي گذاريندا.“هن وڌيڪ خبردار ڪيو ته هي رڳو شروعات آهي، ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ شديد برساتن جي اميد آهي، ۽ جيئن پاڻي ڏکڻ ڏانهن وڌندو، وڌيڪ ڳوٺاڻن کي بي گهر ڪندو.وقار احمد (سيڪريٽري جنرل، ڪسان بورڊ پاڪستان چيو ته جيڪڏهن ڀارت وڌيڪ پاڻي ڇڏيو ته باقي فصل به برباد ٿي ويندا،