اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي 3 لک 75 هزار ارب رپين تي ٻڌل تڪراري آڊٽ رپورٽ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي واپس موڪلي ڇڏي آهي. تفصيلن موجب مالي سال 2023-24 جي سالياني آڊٽ رپورٽ، جنهن ۾ 3 لک 75 هزار ارب رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ڪيو ويو هو، اها هڪ نئين تڪرار جو سبب بڻجي وئي آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ته رپورٽون وزارت پارلياماني امور جي ذريعي موڪلڻ بدران سڌيءَ ريت قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايون ويون ته جيئن ان کي ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي. رپورٽ موجب، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي خط لکيو جنهن ۾ چيو ويو ته آئين مطابق اها ايوان جي ذميواري آهي ته آڊٽ رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وڃي. هيءَ آڊٽ رپورٽ اڳ ئي سخت تڪرار جو شڪار آهي، ڇو ته ان ۾ ٻڌايل بي ضابطگين جي رقم 3 لک 75 هزار ارب رپيا آهي، جيڪا وفاقي بجيٽ کان 27 ڀيرا وڌيڪ ۽ پاڪستان جي مجموعي GDP کان تقريباً 3.5 ڀيرا وڌيڪ آهي. سابق آڊيٽر جنرل جاويد جهانگير ميڊيا سان ڳالهائيندي ان رقم کي غيرمعمولي قرار ڏيندي نظرثاني جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ضروري آهي ته انهن غيرمعمولي انگن اکرن جي ٻيهر جاچ ڪئي وڃي.