ڊيم يا ڪئنال ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھن،درياءَ جا رستا نه روڪيو:اياز پليجو

هيوسٽن(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سانا جي 41 ڪنوينشن جي پاڻي سيشن ۾ مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته  جيترو سنڌ جي ماڻهن کي نشانو بڻائيندا، دٻاءُ ۾ رکڻ چاهيندا ته  اڃان سنڌ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺندي. پاڻي جا رستا روڪڻ جي ڪري هي نقصان ٿئي پيو، درياء جا رستا نه روڪيو، ٻيلا تباھ  نه ڪيو، زمينن، سمنڊ، ٻيلن، جبلن، ٻيٽن ۽ ماحوليات سان ڇيڙ ڇار نه ڪئي وڃي. ڊيم يا ڪئنال ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھن. سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول ناهي. ڪئنال ۽ ڊيم سنڌ لاءِ زھر قاتل آهن. هن  چيو ته  پيپلزپارٽي سنڌ کي ويران حويلي بڻائڻ چاهي ٿي. ڊيم يا ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي پنج ھزار سالا تھذيب تي حملو آھي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. اياز لطيف پليجي چيو ته  ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شھ رڳ، تخت گاھ آھي، جنھن کان سواءِ سنڌ جو تصور ڪونهي. هن  چيو ته  گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏيئي ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ کي لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي مسلسل چوٿون ڀيرو اقتدار ڏئي سنڌ تي مسلط ڪيو ويو آھي. هن  چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن نظام يرغمال آھي. ڪٺ پتلي حڪمران مڙھي سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته  زرخيز زمينون، سمنڊ، درياھ، گئس، پيٽرول، ڪوئلو، بندرگاھون، دنيا جي ھر شيء سنڌ وٽ آهي. ﷲ پاڪ سمورن نعمتن سان سنڌ کي نوازيو آهي پر سنڌ جي ماڻهن کي الاھي ڪھڙي سزا ڏني وئي آهي يا پنھنجن ابن، ڏاڏن کان ڪو اھڙو پاپ ٿيو هو جو اسان جي مٿي ۾ پيپلزپارٽي جھڙو عذاب لڳو آهي جنھن شاھوڪار سنڌ کي لٽي ڦري تباھ ڪري پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته  سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. چولستان ڪئنال ٺھيو ته  سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آءِ مان تعصب پرست ميمبر ھٽايا وڃن. پاڪستان جي ترقي لاءِ دھشتگردي، تفريق ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. سنڌ جا مزدور ۽ ھاري بيروزگار ٿي رھيا آھن، انھن جا ٻار تعليم کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته  پيپلز پارٽي عوام دوستي، سنڌ دوستي، اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌو درياھ، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن، هن چيو ته  ھڪ طرف پاڪستان عالمي طاقتن جي گھيري ۾ آھي ٻئي طرف ڪرپٽ حڪمران بلوچستان ۽ سنڌ جا وسيلا لٽي رھيا آھن. جدوجھد جي باھ جا شعلا بلند ٿيندا ته  ڪرپٽ حڪمران ھلي نه سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو  ته  پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي جو  سنڌو درياھ، سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻي. پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنايو ويو آھي. نوجوانن جي اميدن کي قتل ڪيو ويو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.