تيانجن (م ڊ) شنگھائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، چين جي شهر تيانجن ۾ يندڙ شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) جي 25هين اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، جتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ خاتون اول پاران وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو، نجي ٽي وي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر ولادي مير پيوٽن، ملائيشيا جي صدر انور ابراهيم، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، آذربائيجان جي صدر الهام عليييوف، ترڪ صدررجب طيب اردوان، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ترڪمانستان جي صدر بردي محمديوو، ڪرغزستان جي صدر صدر ڙاپاروف، مالديپ جي صدر محمد معيزو ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس سان غيررسمي ملاقاتون ٿيون، ملاقاتن ۾ عالمي اڳواڻن جو وزيراعظم سان غيرمعمولي گرمجوشي سان پيش اچڻ، پاڪستان ۽ انهن ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ دوستاڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.