پنجاب ۾ درياءَ اٿلي پيا، ڀارت وڌيڪ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏي ڏنو

لاهور(بيورو) پنجاب ۾ اٿلي پيل دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، پاڻي جي سطح اڃا تائين معمول تي نه اچي سگهي، جڏهن ته ريلن جي آباديءَ ۾ داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. مختلف حادثن ۾ فوتگين جو انگ وڌي 38 تائين پهچي ويو آهي. درياءِ چناب ۾ هيڊ ٽريمون تي پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي وهڪرو 2 لک 49 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو. ِ چناب تي هيڊ خانڪي ۽ قادرآباد تي به اونهي درجي جي ٻوڏ جاري آهي. خانڪي تي وهڪرو 2 لک 29 هزار ۽ قادرآباد تي 2 لک 3 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. چناب جو وهڪرو سيالڪوٽ، وزيرآباد ۽ چنيوٽ ۾ تباهي مچائڻ کان پوءِ جھنگ ۾ داخل ٿي ويو، جتي 180 ڳوٺ ٻڏي ويا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا ۽ ڳنڍيل روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. ڦاٿل ماڻهن کي ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي متاثر عورتن ۽ ٻارن کي رات کليل آسمان هيٺ گذارڻي پئي. ملتان ۾ ٻوڏ  سبب شجاع آباد جي فصلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن سان 140 ڳوٺ متاثر ٿيا.ڪمشنر ملتان عامر ڪريم ٻڌايو ته سومر تي چناب درياءُ ۾ ملتان وٽ لڳ ڀڳ 8 لک ڪيوسڪ جو ريلو گذرڻ جو امڪان آهي. هيڊ ٽمونهن  تان 7 لک ڪيوسڪ ۽ راوي تان 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملتان ۾ داخل ٿيندو. هن ٻڌايو ته ضرورت پوڻ تي هيڊ محمد والا تي بند ٽوڙڻ جو فيصلو به ٿي سگهي ٿو. هيڊ محمد والا جي گنجائش 10 لک ڪيوسڪ آهي. ستلج ۾ گنڊا سنگھ والا جي مقام تي انتهائي اونهي درجي جي ٻوڏ جاري آهي، جتي وهڪرو 2 لک 53 هزار 68 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. هيڊ سليمانڪي تي به اونهي درجي جي ٻوڏ آهي، جتي وهڪرو 1 لک 54 هزار 219 ڪيوسڪ آهي. چناب درياهه ۾ وري 8 لک ڪيوسڪ پاڻي بنا اطلاع جي ڇڏيو ويو، جنهن سبب پنجاب هيڊ مراله واري هنڌ وڏي ٻوڏ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ڀارت سلال ڊيم جا سمورا گيٽ کولي ڇڏيا ۽ پاڻي ڇڏڻ جو باضابطا اطلاع نه ڏنو ويو. چناب درياهه ۾ هيڊ مراله واري هنڌ درياهه هن وقت معمول موجب وهي رهيو آهي پر هڪ ڀيرو ٻيهر هيڊ مراله واري هنڌ وڏي ٻوڏ جو خدشو آهي.آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب ڀارت طرفان سلال ڊيم جا گيٽ کولڻ سان 8 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو پاڪستان پهچندو، ڀارت ڪجهه ڏينهن اڳ به 9 لک ڪيوسڪ جو پاڻي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.