قدرتي آفتن جي مقابلي لاءِ ڊيم ٺاهڻا پوندا: وزيراعظم

لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قدرتي آفتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ديامر ڀاشا ڊيم سميت موجوده ڊيمز جي گنجائش ۾ اضافو ڪرڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي، لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي تازي ٻوڏ جي وهڪرن ۽ متاثر علائقن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن پهرين گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا کي متاثر ڪيو ۽ هاڻي پنجاب جي ميدانن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون، هن 2022 جي ٻوڏ کي ياد ڪندي چيو ته ان وقت سنڌ ۽ بلوچستان سخت متاثر ٿيا هئا ۽ پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو هو، وزيراعظم زور ڏنو ته پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪي موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن جي نشاني تي آهن، تنهن ڪري ايندڙ سالن ۾ به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هن چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق ۽ سڀني صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، سندس چوڻ هو ته سڀ کان وڏو حل پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ آهي، ته جيئن فليش فلڊز ۽ نقصانن تي ضابطو آڻي سگهجي، هن مقصد لاءِ فوري طور ڊيمز ۽ ذخيرن جي گنجائش وڌائڻ تي ڪم شروع ڪرڻو پوندو ۽ ديامر ڀاشا ڊيم سميت موجوده ڊيمز جي گنجائش ۾ اضافو وقت جي اهم ضرورت آهي، هن فوجِ پاڪستان، اين ڊي ايم اي ۽ مقامي قيادت جي خدمتن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو، جن هيلي ڪاپٽر، ٻيڙيون ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪري عوام جي مدد ڪئي، ۽ چيو ته هي ٽيم ورڪ ئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي نقصان گهٽ ٿيو، هن چيو ته جيڪڏهن اڄ کان عملي قدم شروع ڪيا وڃن ته هن وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي سگهن ٿا، هن دعا ڪئي ته سنڌ ڏانهن وڌندڙ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي خاص رحمت سان گهٽتائي فرمائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.