نئون ديرو(ن ع آ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بچاءُ جي ڪم ۾ مصروف سول رضاڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي همت جي تعريف ڪئي آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن. نئون ديرو هائوس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي نشان تي آهي، اسان کي ماحولياتي صورتحال کي ذهن ۾ رکندي هر مستقبل جو منصوبو ٺاهڻو پوندو. تازي مون سون جي موسم جي شروعات سان موجوده ٻوڏ جي صورتحال وڌيڪ ڏکئي ٿي سگهي ٿي، اسان کي هر قسم جي حالتن لاءِ تيار رهڻو پوندو. قوم لاءِ هر قسم جي ورهاست کي هڪ پاسي رکي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جو وقت آهي. اسان هڪ قوم جي حيثيت سان اهو اڳ به ڪيو آهي، اسان بحرانن کي منهن ڏنو آهي ۽ اتحاد جي طاقت سان، اسان هن ڀيري به فتح حاصل ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ رٿيل وڌيڪ پروگرامن کي ملتوي ڪري نئون ديرو هائوس کان سکر ايئرپورٽ پهتو جتان هو اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو.