سيوهڻ ۾ روڊ جي تعمير تان جهيڙو،عورت سميت 2 ڄڻا قتل،6 زخمي

سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) سيوهڻ لڳ ڳوٺ آمڙا ۾  روڊ جي تعميراتي ڪم جي معاملي تي آمڙا برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران فائرنگ سبب هڪ عورت ۽ مرد سميت 2 ڄڻا مارجي ويا  ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا،مقتول عورت جي سڃاڻپ گلزاران زال شاھنواز آمڙو جي نالي سان ٿي،زخمين ۾ امير بخش، صدام، قربان آمڙو، غلام رسول، حاجي عرس، شاهنواز ۽ غلام شبير آمڙو شامل آهن. ھوڏانھن سمورن زخمين ۽ بروقت فوت ٿيل عورت جي لاش کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان حملي جي ٻن زخمين کي وڌيڪ طبي امداد لاءِ نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته انھن مان ھڪ وڌيڪ زخمي قربان آمڙو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنهن بعد فوتين جو انگ 2 ٿي ويو. ٻئي طرف واقعي بابت رابطو ڪرڻ تي مقتولا جي مڙس شاھنواز چيو ته منهنجي جوابدار مامي حاجي ادريس روڊ جو تعميراتي ڪم روڪي جھيڙو  ڪيو ۽ ناحق فائرنگ ڪرائي منهنجي زال گلزاران ۽ قربان آمڙي کي قتل ڪري اسان جا گھر اجاڙي ڇڏيا آهن ٻئي طرف واقعي بعد سيوھڻ پوليس ايس ايس پي ڄامشورو جي حڪم تي اسپتال پھچي زخمين کان واقعي جا تفصيل ورتا ۽ کين انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ھوڏانھن فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي گھر پھچڻ تي ماتم برپا ٿي ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.