ٻوڏ جي تباهي، پنجاب ۾ لکين ماڻهو بي گهر، وهڪرن جو سنڌ ڏانهن رخ

لاهور(بيورو/ م ڊ)  ڀارت طرفان پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ سبب ٻوڏ پنجاب ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي بند ٽٽڻ ڪري پاڻي آبادين ۾ داخل ٿي ويو آهي، راوي، چناب ۽ ستلج ۾ ٻوڏ جو پاڻي گذرڻ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، لکين ماڻهو دربدر ٿيڻ سان گڏ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل به تباهه ٿي ويا آهن، پنجاب جي ٽنهي وڏن دريائن ۾ انتهائي اوچي سطح جي ٻوڏ برقرار آهي،  پاڻي هاڻي ڏاکڻي پنجاب لاءِ به وڏو خطرو بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته چئني دريائن جو پاڻي هڪٻئي سان گڏ ٿيڻ وارو آهي، پاڻي جي وڏن وهڪرن جو رخ هاڻي سنڌ ڏانهن وڌڻ شروع ٿي ويو آهي، ٻوڏ جي ڪري ڪيترين ئي هنڌن تي حفاظتي بند ٽٽي پيا آهن ۽ سوين وسنديون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، مختلف حادثن ۾ 17 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن ۽ درجنين گم ٿيل آهن، پاڪ فوج ٻيڙين جي ذريعي ريسڪيو آپريشن جاري رکيو آهي ۽ لوڌران ۾ به فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، ٻوڏ سبب گهرن جون ڇتيون ڪرڻ ۽ پاڻي ۾ ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 17 ماڻهن جي موت جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم ٿيل آهن، سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعن ۾ گجرات، گوجرانوالا، منڊي بهاوالدين، حافظ آباد، نارووال، شيخوپوره، ننڪاڻا صاحب، قصور، اوڪاڙا ۽ پاڪپتن، سيالڪوٽ، چنيوٽ، جهنگ شامل آهن، پنجاب جي 30 ضلعن ۾ جاري ٽرانسپورٽيشن آپريشن ۾ 669 ٻيڙيون ۽ 2861 ريسڪيو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب راوي درياءَ ۾ ٻوڏ واري پاڻي جي وهڪرن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، هن وقت شاهدره واري هنڌان 1 لک 91 هزار ڪيوسڪ جو ٻوڏ وارو وهڪرو وهي رهيو آهي ۽ ايندڙ ڪجھه ڪلاڪن ۾ لڳ ڀڳ 2 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذرندو، شاهدره، لاهور واري هنڌ کان 2 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين جو وهڪرو آساني سان گذري سگهي ٿو، چناب درياءِ ۾ مرالا واري هنڌ تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جي آمد 1 لک 91 هزار ۽ خارج 1 لک 85 هزار ڪيوسڪ آهي، خانڪي تي چناب ۾ انتهائي خطري واري ٻوڏ موجود آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو 8 لک 59 هزار ڪيوسڪ آهي،هيڊ قادرآباد تي به انتهائي خطري واري اونهي درجي جو ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو 9 لک 96 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي، سبمڙيال جي علائقي ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن ۽ فوت ٿيل جو انگ 8 ٿي ويو آهي، چناب ۾ انتهائي مٿانهين درجي جو ٻوڏ سبب پاڻي اڄ جمعي تي مظفرڳڙهه پهچندو، ڊي سي موجب اسان جي پهرين ترجيح آبادي ۽ چنيوٽ شهر کي بچائڻ آهي، ستلج  درياهه ۾ گنڊا سنگھه والا جي هنڌ تي انتهائي خطري واري مٿانهين سطح جو ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو 2 لک 61 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي، هيڊ سليمانڪي جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 9 هزار ڪيوسڪ آهي، جنهن سبب وچولي سطح جو ٻوڏ آهي، وهاڙي ۾ لکا سلديرا ۽ جتيرا جا حفاظتي بند ٽُٽي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏي پاڻي لکا سلديرا ۽ موضع جتيرا ۾ داخل ٿي ويو، مراد والا بند ٽُٽڻ سبب ڪاليا شاهه، موضع ڌول، موضع سائفن، جهڪ گامو، جهڪ فاضل ۽ وِرسي واھڻ سخت متاثر ٿيا، جڏهن ته بهاولنگر ۾ پاڻي جي تيز وهڪري سان ڪيترائي عارضي حفاظتي بند ٽُٽي پيا، چناب جا وهڪرا وڌڻ سبب گجرات، حافظ آباد، پنڊي ڀٽيان، سرگوڌا، منڊي بهاولدين، چنيوٽ ۽ جهنگ خطري هيٺ اچي ويا آهن، راوي سبب لاهور جا علائقا ڪوٽ منڊو، عزيز ڪالوني، قيصر ٽائون ۽ فيصل پارڪ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته راوي جو پاڻي شيخوپورا، ننڪاڻا صاحب ۽ خانيوال جي ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي، ستلج ۾ قصور، پاڪپتن، ڦول نگر، اوڪاڙو ۽ بهاولنگر ۾ هنگامي صورتحال آهي، اين ڊي ايم اي عوام کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.