راوي منصوبو: قدرت پاڻ حددخليون هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيون!

لاھور(م ڊ) راوي، ستلج ۽ چناب درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو تازي ٻوڏ جي ڪري لڏپلاڻ تي مجبور آهن، راوي جي صورتحال وڌيڪ خطري واري آهي، جتي پاڻي ڪيترين وسندين کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ان درياءَ جي ڪناري تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت 2020 ۾ هڪ نئون شهر آباد جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي پاڪستان جو پهريون گرين ۽ اسمارٽ سٽي قرار ڏنو ويو هو، هن تجويز ڪيل شهر لاءِ اڳوڻي حڪومت باقاعدي طور راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (روڊا) جي نالي سان هڪ ادارو به قائم ڪيو هو، هن منصوبي جي ڪيترين سياسي جماعتن مخالفت ڪئي هئي ۽ مقامي آبادگار هن پروجيڪٽ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ويا  جنهن تي عدالت سندن موقف کي تسليم ڪندي حڪومت کي منصوبي تي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، فيصلي کان پوءِ عمران خان پاڻ راوي جي ڪناري وڃي هڪ وڊيو رڪارڊ ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته عدالتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، راوي منصوبي تي سوشل ميڊيا تي به شديد ردعمل ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڪجهه صارفن ان کي پاڪستان جي شهري مستقبل لاءِ اهم قرار ڏنو، اتي ڪيترن ماڻهن ان کي سياسي ۽ مالي مفادن جي راند قرار ڏنو، صحافي ماجد نظامي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته هتي فليگ شپ پروگرام راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جون ڪهڙيون ڪهڙيون زمينون ٻوڏ جي نظر ٿي رهيون آهن، ان تي موجوده ۽ اڳوڻيون حڪومتون خاموش آهن، ڇوته ان ۾ سڀ شامل آهن، پروگرام جي ميزبان ابصا ڪومل جو چوڻ آهي ته وزيراعليٰ مريم نواز روڊا پروجيڪٽ ۾ ايندڙ ڪچين آبادين کي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ته جيئن منصوبو اڳتي وڌي سگهي ۽ پوءِ صحافين کي پلاٽ ڏنا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.