ڪراچي (رپورٽر ) ايس ايم لا ڪاليج جي شاگردن پاران ڪالهه فين ۾ مسلسل واڌ ۽ ٻين مسئلن خلاف ڪاليج سامهون احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي مقصود نبي ٻرڙو، نجف محڪم جوڻيجو، وجاهت حسين، رضا محمد شر ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي هنن چيو ته ايس ايم لا ڪاليج هڪ سرڪاري ادارو آهي پوءِ به اسان جي اداري ۾ هر سال پرائيويٽ ادارن جيان فين ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. هن سال فين ۾ بنا سبب 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، فين ۾ اضافي سبب شاگردن جي تعيلم متاثر ٿي رهي آهي جيڪو عمل آئين پاڪستان جي به خلاف آهي، ڇو ته هر شهري کي تعيلم جو برابر حق آهي، شاگردن مطالبو ڪيو ته ته سالياني في ۾ 30 سيڪڙو اضافو فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ نئين تعليمي سال جي في اها ئي رکي وڃي جيڪا گذريل سال هئي، شاگردن کي 5 سالن جي فيس جو واضع طور تي تحريري ڊانچو فراهم ڪيو وڃي ته جيئن انهن سان مستقبل ۾ زيادتي نه ٿي سگهي، ڪاليج ۾ داخلا جو سڄو عمل آن لائين ڪيو وڃي، جيئن شفاف ۽ آساني سان ميرٽ تي ٻڌل نظام کي يقيني بڻايو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا پورا نه ٿا ڪيا ويا ته تحريڪ سڄي صوبي جي تعليمي ادارن تائين وڌائي ويندي.