بلوچستان جي حالتن جي جڙ اڪبر بگٽي جو قتل آهي: مشاهد حسين

ڊيرا بگٽي(م ڊ) بلوچ قومپرست تحريڪ جا اهم اڳواڻ، بلوچستان جي اڳوڻي گورنر ۽ وزيراعليٰ نواب اڪبر بگٽي جي 19 هين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي، آمر پرويز مشرف جي دور ۾ 26 آگسٽ 2006ع تي بلوچستان جي علائقي ڊيره بگٽي ۾ فوجي آپريشن دوران قتل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ بلوچستان ۾ سياسي تحريڪن ۾ تيزي آئي، نواب بگٽي جي ورسيءَ جي موقعي تي، بلوچستان ۾ قومپرست جماعتن پاران شٽر ڊائون هڙتالون، تعزيتي جلسا منعقد ڪيا ويندا آهن، ٻي پاسي نواب اڪبر جي پٽ جميل اڪبر بگٽي جو چوڻ آهي نواب اڪبر جي ورسي سڄي بلوچستان ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي پر وڪيل برادري نه عدالتي بائيڪاٽ ڪيو نه وري ڪو بيان جاري ڪيو، جنهن مان لڳي ٿو ته اهي به سرڪاري مراعتون وٺڻ ۾ جنبي ويا آهن، سندن خاموشي فڪر جو لمحو آهي، بي بي سي موجب  نواب اڪبر موت کان اڳ جيڪا اڳڪٿي ڪئي اها اڄ ڪرب ناڪ حقيقت بڻجي وئي آهي، سياسي اڳواڻ مشاهد حسين جو چوڻ آهي ته بلوچستان جون موجوده جيڪي حالتون آهن انهن جي جڙ نواب اڪبر بگٽي جو قتل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.