ڍنڍُن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جُون ڍنڍُون

تحرير: ياسر قاضي

ٻيون ۽ آخري حصو

اڄ پوري دنيا ۾ ”ڍنڍُن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو پيو وڃي. اسان ان موقعي تي ڪلهاڪُون پنهنجي هن ڪالم ۾ سنڌ جي مُک ڍنڍن جو نالن ۽ مختصر تفصيل جي حد تائين ذڪر ڪري رهيا آهيو. ڪلهه اسان هن ڪالم جي پهرين حصي ۾ ضلعي قنبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، دادوءَ ۽ ڄامشوري ۾ موجود ڪجھه اهم ڍنڍُن جو ذڪر ڪيو هو. اڄ اسان ان ذڪر کي ضلعي نوشهري فيروز جي مُک ڍنڍن جِي پچارَ سان اڳتي وٺي هلنداسين.

ضلعو نوشهرو فيروز

تعلقو مورو:

(70) ٻيٽ ٻُڍي وارِي ڍنڍَ“ (ديهه ٻيٽ ٻُڍو) (71) ”پُراڻو ديرو ڍنڍَ“ (ديهه صالح پور) (72) ”دُوني ڍنڍَ“ (ديهه ملڪاڻي) (73) ”ڏيپارجن وارِي ڍنڍَ“ (ديهه ڏيپارجا) (74) ”سِرائي شوڪت علي لغاريءَ واري ڍنڍَ“ (ديهه لغاري بجراڻي ــ هن وقت ڦٽل حالت ۾ موجود) (75) ”شاهه مراد وارِي ڍنڍَ“ (ديهه ٻيٽ ٻُڍو) (76) ”ڪورائين واري ڍنڍ“ (ديهه ڪورائي) (77) ”کوکرن واري ڍنڍَ“ (ديهه کوکر ــ ڦٽل حالت ۾ موجود) (78) ”گَچيرو ڍنڍَ“ (لڳ ڳوٺ گچيرو ــ قديم ۽ تاريخي ڍنڍَ ــ هاڻي ڦٽل آثارن جي صورت ۾ موجود، پر درياهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ هيءَ اڄ به ڀرجي ويندي آهي.) هن ڍنڍ کي مير معصوم بکريءَ، ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ ’گچري‘ جي نالي سان سڏيو آهي، جڏهن ته عربن هن ڍنڍَ کي ’ڪَجر‘ ڪري ڪوٺيو. (79) ”گھارو گنب ڍنڍَ“ / ”گھارو ڍنڍَ“ (ديهه گچيرو) (80) ”لغارين بجراڻين واري ڍنڍَ“ / ”مصري ڍنڍَ“ (ديهه خيروديرو) (81) ”مائي ڦاپان وارِي ڍنڍَ“ (ديهه خيرو ديرو) (82) ”مستي خان جتوئيءَ واري ڍنڍَ“ (83) ”مصري ڍنڍَ“ (ساڳئي علائقي ۾ انهيءَ ئي نالي سان ٻه ڍنڍون ٻيون به موجود آهن.) (84) ”مِيين ٻُگهئي واري ڍنڍَ“ (پکيڙ: 2500 ايڪڙ ــ ترَ جي وڏِي ڍنڍَ) (85) ”نظر علي ڪورائيءَ واري ڍنڍ“ (ديهه لليا)

تعلقو ڪنڊيارو:

(86) ”کيڙن واري ڍنڍَ“ (تعلقو ڪنڊيارو)

ضلعو نوابشاهه (شهيد بينظيرآباد)

(87) ”سَن ڍنڍَ“ / ”سَن ڍورو“ / ”سن ٻاريچي“ (ديهه ساوڙيءَ ۾ موجود قديم ڍنڍَ، جيڪا هاڻي سوڪهڙي سبب مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي.) (88) ”شڪر ڍنڍ“ (سڪرنڊ لڳ ڦِٽل آثارن جِي صورت ۾ موجود. پنهنجي اؤجَ واري دؤرَ ۾ هيءَ ڍنڍ ميلن ۾ ڦهليل هوندي هئي. ان ئي ڍنڍ جي نالي ’شڪرڍنڍ‘ تان هن شهر تي ’سڪرنڊ‘ نالو پيو. موجوده شهر ان ئي ڍنڍَ جي جاءِ تي واقع آهي. مِٺي پاڻي هئڻ ڪري هن ڍنڍ کي ”شڪر ڍنڍ“ سڏيو ويو.) جڏهن ته هن ڍنڍَ جي نالي بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”لفظ ’سڪرنڊ‘، ’شڪر ڍنڍَ‘ جِي بگڙيل صورت آهي، جيڪو هن شهر تي پيو.“

ضلعو سانگھڙ

تعلقو چوٽياريون:

(89) ”ابڙائو ڍنڍَ“ (90) ”بقار ڍنڍَ“ (91) ”ڀولُوءَ واري ڍنڍَ“ (92) ”رتڙائو ڍنڍَ“ (اڌ حصو تعلقي چوٽياريون، ضلعي سانگهڙ ۾ ۽ اڌ تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ۾ واقع ــ ڊيگهه 6 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 1 ڪلوميٽر)، (93) ”سدوري ڍنڍَ“ (3 ڪلوميٽر ويڪري، 6 ڪلوميٽر ڊگھِي ــ قديم پر من موهيندڙ ڍنڍَ) هن ڍنڍ جو پراڻو نالو ’چنڊي جي ڍنڍ‘ آهي. هن ڍنڍ جي حوالي سان هڪ ڏند ڪٿا مشهور آهي ته: ”هڪ ڀيري شهيد صبغت الله شاهه سُورهيه بادشاهه هن ڍنڍ تي شڪار ڪري رهيو هو ۽ فقيرن کان ڍنڍَ جي نالي بابت پڇيائين. فقيرن کيس ٻڌايو ته هن کي ’چنڊي جِي ڍنڍ‘ سڏِين ٿا، تنهن تي پاڻ وراڻيائون ته: ”اهڙي خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڍنڍ کي ’چنڊي جي ڍنڍ‘ سڏڻ نامناسب آهي“، جنهن بعد سورهيه بادشاهه ان جو نالو ’سدورِي‘ رکيو ۽ ان کانپوءِ هيءَ ڍنڍ انهيءَ نالي سان سڏجڻ لڳي. (94) ”ڪاڪاهو ڍنڍَ“ (چوڌاري ڀِٽُن ۾ واقع سهڻي ڍنڍَ) هن ڍنڍ کي مکيءَ جي ڍنڍن ۾ نمايان حيثيت حاصل آهي. (95) ”سرن وارِي ڍنڍَ“ (ڀولوءَ واري ڍنڍَ ويجھو واقع خوبصورت ڍنڍَ) (96) ”کير وارِي ڍنڍ“ (پکيڙَ: اٽڪل 6 چورس ميلَ) (97) ”ماڙين وارِي ڍنڍَ“ (ويجھو بقار ڍنڍَ)

ضلعو خيرپور ميرس

تعلقو نارو:

(98) ”ٻاڙِي ڍنڍَ“ (تمام اُونهي ڍنڍَ) (99) ”ڏونگريُون ڍنڍَ“ (من موهيندڙ ڍنڍَ ــ هن ڍنڍ تي اهو نالو راڄڙ ذات جي ’ڏوگرا‘ نُکَ جي نسبت سان پيو.) (100) ”ڪلاچ ڍنڍَ“ (ڊيگهه 4 ڪلوميٽر ۽ ويڪر اڌ ڪلوميٽر) هن ڍنڍ کي ڪنهن دؤر ۾ ’ڪلاچ‘ به سڏيو ويو. (101) ”گھانگهرِي ڍنڍَ“ (پکيڙ جي لحاظ کان هيءَ ڍنڍ ويڪر ۾ هڪ ڪلوميٽر ۽ ڊيگهه ۾ 3 ڪلوميٽر کن ٿيندي. هن ڍنڍَ ۾ مڇي جهجهي تعداد ۾ مري ٿي. هيءَ ڍنڍ مکيءَ جي ڍنڍن ۾ پڻ پنهنجي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان اهميت رکي ٿي.)

ضلعو مٽيارِي

(102) ”ڪَراڙ ڍنڍَ“ (ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾ واقع قديم ڍنڍَ) ڪراڙ کي گھڻي اهميتَ ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڪري حاصل آهي. شاهه سائينءَ جڏهن هن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ديرو ڄمايو، ته سندن مريدن هن ڍنڍَ مان مِٽي ڍوئي ڀٽ تي هڪ وسيع ٿَلهو ٺاهيو. شاهه صاحب جي هن ڍنڍ جي فطري حسن سان گَهِري دلچسپي رهي آهي ۽ هن ڍنڍ جا نظارا، اُن ۾ موجود گُلَ، پٻڻَ، وڻ ٻوٽا ۽ پکي کيس پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا هئا. ڪراڙ ڍنڍ جو ذڪر شاهه جي رسالي ۾ به ملي ٿو: ”بَرسيو پاسي ڀِٽَ، ڀريائين ڪُن ڪِراڙ جا.“

ضلعو حيدرآباد

(103) ”پاٻيڙو ڍنڍَ“ (ڳوٺ کٿڙ، نزد گنجو ٽَڪر، حيدرآباد) (104) ”شورن واري ڍنڍ“ / ”سون ڪن“ (لڳ ڳوٺ کٿڙ، حيدرآباد ــ گنجي ٽڪر جي اوڀر طرف) (105) ۽ (106) ”ڪلرِي ڍنڍَ“ ۽ ”پاٻيڙو ڍنڍَ“ (لڳ ڳوٺ کٿڙ ــ گنجي ٽڪر جي اوڀر ۾ موجود ٻه ڍنڍُون)

ضلعو ٽنڊو محمّد خان:

تعلقو بلڙي شاهه ڪريم:

(107) ”اڇَ ڍنڍَ“ (ملاڪاتيار) (108) ”بازار ڍنڍَ“ (پيڃاري / پنياري واهه جي ڪناري تي موجود) (109) ”ڇارِي ڍنڍَ“

(110) ”راهِين ڍنڍَ“ (111) ”ڪارِي يا ڦٽو ڍنڍَ“ (نزد ڳوٺ لاکاٽ) (112) ”ڪُن وارِي ڍنڍَ“ (لڳ ڳوٺ کٿڙ)

ضلعو ميرپورخاص

تعلقو سامارو:

(113) ”ٽٻوهين جي ڍنڍ“ (قديم ڍنڍَ، هن وقت ڦِٽل حالت ۾ موجود) (114) ”سامارو ڍنڍ“ (ڪي تاريخون لکن ٿيون ته جنهن وقت همايون بادشاهه کي امرڪوٽ ۾ سندس پٽ اڪبر ڄمڻ جو اطلاع مليو هو، ان وقت هو ان ’سامارو ڍنڍَ‘ جي ڪناري تي پنهنجي لشڪر سميت لٿل هو. هن ڍنڍَ کي ’سانورِي‘، ’ساوترِي‘ ۽ ’ساوندرِي ڍنڍَ‘ به ڪوٺيو ويندو آهي.)

ضلعو عمرڪوٽ:

تعلقو عمرڪوٽ:

(115) ”بگري ڍنڍَ“ (لڳ نئون ڇور ــ هن وقت ڦِٽل آثارن جِي صورت ۾ موجود) (116) ”ٻانهيارِي ڍنڍَ“ (117) ”ٽُيڀري ڍنڍَ“ (نزد بگري ڍنڍَ ــ ڦِٽل حالت ۾ موجود) (118) ”سُومرِي ڍنڍَ“ (ڦِٽَل آثارن جي صورت ۾ موجود) (119) ”ڳمورِي ڍنڍَ“ (هاڻي هيءَ ڍنڍ سڪي وئي آهي.)

ضلعو بدين:

(120) ”دڦرِي ڍنڍَ“ (تعلقو ۽ ضلعو بدين)

ضلعو ٺٽو:

(121) ”جهان خان ڍنڍَ“ / ”ڇڇ جهان خان ڍنڍَ“ (ويجھو چُوهڙ جمالي ــ مَلڪاڻيُن جي ذاتي ملڪيت) (122) ”ڇاڻ ڍنڍَ“ (تعلقو شاهبندر) (123) ”سسئي ڍنڍَ“ (تعلقو ميرپور ساڪرو ــ تاريخي ماڳ ’ڀنڀورَ‘ جي اوڀر ۾ واقع، انڪري اها سسئيءَ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.) (124) ”ڪينجهر ڍنڍَ“ (جڳ مشهُور تاريخي ڍنڍَ ــ سنڌ جِي مشهور، دلفريب ۽ سهڻي تفريحي ڍنڍ) مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍَ جِي ايراضي 35 هزار هيڪٽرن تي ٻڌل آهي ۽ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي گنجائش 0.52 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. هيءَ ڍنڍ 6 ڪلوميٽر ويڪري ۽ 23 ڪلوميٽر ڊگھي آهي. جڏهن ته ان جي اُونهائي 80 کان 90 فوٽن تائين آهي. شروعات ۾ ’سونهري‘ ۽ ’ڪينجهر‘ ٻه ڌار ڌار ڍنڍُون هيون. جڏهن برسات سبب درياهه ۾ چاڙهه ايندو هو ۽ جابلو سلسلي مان نديون، نَئيُون ۽ نالا وهي ٻنهي ڍنڍُن ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ته ٻئي ڍنڍون ملي هڪ ٿي وينديون هيون ۽ اتان جا مقامي رهواسي چوندا هئا ته: ”ڪينجهر ۽ سونهريءَ لائون لڌيون آهن.“ ڪينجهر ڍنڍَ ۾ پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو وسيلو ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهه ’ڪلري بگهاڙ‘ آهي، جنهن کي ’ڪراچي واهه‘ پڻ چيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ ڪوهستان جون ڪجهه نئيون ۽ ڍورا پڻ هن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. هيءَ ڍنڍَ ڪراچيءَ جي شهرين توڙي هزارين ڪارخانن کي پاڻي رسائڻ جو وڏو ذريعو آهي. سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آباد هيءَ ڍنڍ نوري ڄام تماچيءَ جي لوڪ رومانوي داستان سبب پڻ مشهور آهي. جنهن داستان جي جاءِ وقوعه هيءَ ڍنڍَ ٻُڌائي وڃي ٿي. هن ڍنڍ جو ذڪر ’شاهه جي رسالي‘ جي ’سُر ڪاموڏ‘ ۾ ملي ٿو. ”لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجھر هندورو ٿئي!“ (125) ”هاليجِي ڍنڍَ“ (ٺٽي تعلقي ۾ ٺٽي کان 10 ڪلوميٽر پري موجود سهڻي ڍنڍَ ۽ پرڏيهي پکين جِي سئنچري، جنهن کي ڪنهن دؤرَ ۾ ”پرديسي پکين جِي جنتَ“ چيو ويندو هو، پر هاڻي ان جو اهو اؤج ناهي رهيو. هن ڍنڍَ جي ڪناري ممتاز علي ڀُٽي پنهنجي وڏ وزارت جي دؤرَ ۾ واڳُن جي ڌار  ننڍڙي سئنچري به ٺهرائي. جيڪا اڄ تائين موجود آهي. جنهن ۾ سيّاحَ حفاظتي پڃري اندر موجود واڳُن جو مشاهدو ڪري سگھن ٿا.) چيو وڃي ٿو ته هاليجي ڍنڍَ اندر به مڇَ موجود آهن. (126) ”هڏيرو ڍنڍَ“ (تعلقي ميرپور ساڪري ۾ موجود سهڻي ڍنڍَ)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.