نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو بنگلاديش وڃڻ ۽ معافي وٺڻ وارو معاملو

پاڪستان جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڍاڪا دوري دوران هڪ ڀيرو ٻيهر 1971ع جي واقعن تي معافيءَ جو عذر سامهون آيو آهي۔ بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جي پرڏيهي صلاحڪار توحيد حسين سميت مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو 1971ع جي واقعن تي معافي وٺي ۽ آزاديءَ وقت وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جا حل طلب معاملا طئي ڪري۔

بنگلاديشي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسحاق ڊار سان ملاقات دوران  1971ع ۾ پاڪستان طرفان ڪيل نسل ڪشي تي باقاعده معافي، اثاثن جي ورهاست، ۽ 1970ع ۾ سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ مختص پرڏيهي امداد جي منتقلي‘ جهڙا معاملا به بحث  هيٺ آيا۔ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هن مطالبې تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ معافيءَ جو معاملو ٻن موقعن تي طئي ٿي چڪو آهي۔ هن چيو ته 1974ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوءِ 2002ع ۾ تڏهن جي صدر جنرل پرويز مشرف بنگلاديش جي دوري دوران هن معاملي کي طئي ڪري چڪا هئا۔ فيبروري 1974ع ۾ لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي هئي، جنهن لاءِ دنيا جي سڀني اسلامي ملڪن جي سربراهن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي۔

پاڪستان ان وقت تائين بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو هو، پر جڏهن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو شيخ مجيب الرحمن کي ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني ته ان کان اڳ بنگلاديش کي الڳ رياست طور تسليم ڪيو ويو۔ بهرحال، بنگلاديش جي مطالبن باوجود 71ع جي واقعن تي معافي نه ورتي وئي۔ بعد ۾ بنگلاديش ڌمڪي ڏني ته هو 1971ع جي جنگ دوران جنگي قيدي بڻايل 195 پاڪستانين خلاف جنگي ڏوهن جا ڪيس هلائيندو، ۽ اهو فيصلو واپس وٺڻ جي بدلي ۾ پاڪستاني فوج طرفان مبينه نسل ڪشي ۽ غيرقانوني ڪاررواين تي معافي جو مطالبو ورجايو۔ آخرڪار اپريل 1974ع ۾ پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو۔ ان معاهدي ۾ پاڪستان جي طرفان لکيو ويو ته ’جيڪڏهن اوڀر پاڪستان ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ٿيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ان جي مذمت ڪندي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿي۔‘ معاهدي ۾ لکيل هو ته ’وزيراعظم ڀٽو بنگلاديش جي عوام کي اپيل ڪن ٿا ته هو غلطيون معاف ڪن ۽ ماضي کي وساري اڳتي وڌن۔‘ ان کان پوءِ 2002ع ۾ صدر پرويز مشرف بنگلاديش جو دورو ڪيو ۽ ٻيهر افسوس جو اظهار ڪيو۔

بهرحال، بنگلاديش طرفان اڻ ورهايل پاڪستان جي سرڪاري ملڪيت ۾ حصي لاءِ بار بار درخواستن جي باوجود ڪنهن به پاڪستاني حڪومت ان معاملي تي ڌيان نه ڏنو. 1974ع ۾ به جڏهن بنگلاديش جو وزيراعظم شيخ مجيب الرحمن هنن مسئلن تي ڀٽو سان بار بار ملاقاتون ڪيائون تڏهن به اتفاق راءِ تي نه پهتا هئا۔ سوال اهو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پرويز مشرف جي ’معافي‘ باوجود بنگلاديش ڇو بار بار معافيءَ جو مطالبو ڪندو پيو اچي؟ بي بي سي هن سوال جو جواب ڄاڻڻ لاءِ ٻنهي ملڪن سان لاڳاپيل ڪجهه شخصيتن سان ڳالهايو هو۔ بنگلاديش جي سينئر تاريخدان افسان چوڌري بي بي سي کي ٻڌايو ته بنگلاديش ۾ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته اهو معاهدو (سھه ملڪي) اصل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هو، ڇو ته هو اُن حالتن مان نڪرڻ چاهيندا هئا ۽ بنگلاديش کي ان معاهدي ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو۔ هن چيو: ’تڏهن جي نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ ان کي هڪ سمجھوتو ۽ عزت بچائڻ جو رستو قرار ڏنو ويو هو۔ اها ڳالهه بنگلاديش جي ماڻهن لاءِ مطمئن ڪندڙ نه هئي۔ پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اڄ به اهو هڪ وڏو مسئلو آهي۔ منهنجي خيال ۾ اها معافي جيڪا تڏهن ورتي وئي هئي، هاڻي ان جو ڪو به فائدو ناهي۔ تڏهن به عوام ان تي سخت تنقيد ڪئي هئي ته اها واقعي معافي هئي يا نه۔‘

ڍاڪا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشنر طور مقرر رهندڙ اشرف قريشي به بي بي سي کي ٻڌايو هو ته هو پنهنجي ڊاڪا واري سروس دوران 1974ع واري معاهدي جو حوالو ڏيندو رهيو۔ هن چيو ته قيدين جي واپسي جي پسمنظر ۾ ٿيل ڳالهين دوران معاهدي ۾ واضح طور لکيل آهي ته وزيراعظم بنگلاديش جو دورو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ بنگلاديش جي عوام کي ماضي کي وسارڻ جي اپيل ڪئي۔ اشرف قريشي موجب ’ان معاهدي تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزير دستخط ڪيا ۽ لکيو ته بنگلاديش جي وزيراعظم به عوام کي پيغام ڏنو ۽ چيو ته بنگلاديش جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته درگذر ڪيئن ڪجي، ۽ ڪليمنسي طور تي بنگلاديش 195 قيدين کي واپس ڪندو۔‘ اسحاق ڊار جي ڊاڪا دوري ۽ 1971ع جي واقعن تي معافيءَ جي مطالبن تي سوشل ميڊيا تي به بحث هلي رهيو آهي۔

تاسِين مهدي نالي صارف لکي ٿو ته جيستائين پاڪستان واضح انداز ۾ 1971ع جي واقعن تي معافي نٿو وٺي، تيستائين بنگلاديش جي ڪنهن به حڪومت کي هن سان لاڳاپن کي معمول تي نه آڻڻ گهرجي۔ محمد ارشاد نالي صارف بنگلاديشي پرڏيهي وزارت جي معافيءَ واري مطالبي بابت لکي ٿو ته ’اهو ئي واحد معاملو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي۔‘

’آل سِيز‘ نالي صارف لکي ٿو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي کان عوامي سطح تي معافي وٺڻ گهرجي۔ هو چوي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جو 71ع جي واقعن سان ڪو واسطو ناهي ۽ هو هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا۔ هڪ ٻئي صارف حڪومت پاڪستان کي صلاح ڏني ته ’هن وقت بنگلاديش ۾ ڀارت نواز حڪومت ناهي، تنهن ڪري اهو پاڪستان لاءِ سٺو موقعو آهي ته هو اڳتي وڌي ۽ هن مسئلي کي حل ڪري۔‘

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.