"آئيس ڪرسٽل”جي وھاپي ۽ وڪري خلاف ھلايل بقاءِ انسان فورم جي مھم

تحرير: شهباز پيرزادو

نشو ھر لحاظ کان خراب ۽ انسان دشمن سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ھر روز ڪيترائي گھر برباد ڪرڻ جو سامان آھي جنھن منجھان معاشي ۽ سماجي اڻکٽ مسئلا جنم وٺي رھيا آھن ھڪ طرف نوجوان نسل نشي ۾ متبلا ٿي پنھنجي صحت کي ھاڃو رسائي رھيو آھي ته ٻئي طرف وسيلن جي کوٽ ۽ نشي جي  پوراءُ نه ٿي سگھندڙضرورتن لاءِ ھو ڏوھن جي دنيا طرف به مائل ٿيو آھي جنھن سبب ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آھي  تازين خبرون موجب موٽر سائيڪل ڦر جي واردات توڙي چوري جي عمل ۾ وڏي تعداد  نوجوانن جي رهي آهي، حڪومت جي ذميواري آھي ته ھو صحتمند سرگرمين ٿي ھٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ نشي جي سرعام وڪري تي پابندي مڙھي پر صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آھي اسان وٽ نشي جا نت نت نوان قسم ڳوٺن تائين پھچي چڪا آھن جن جي خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تحرڪ ۾ اچڻ بجاءِ ان  وھاپي کي عام ڪرڻ ۾ سھولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن پوليس اهلڪار پنهنجي ڪميشن وٺي نشو وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا ۽ اهڙي صورتحال هيٺين آفيسرن کان وٺي ضلعي جي اعلي آفيسرن تائين ساڳئي آهي جنهن جو نقصان هر صورت ۾ عام عوام لاءِ آهي .

 آئيس ڪرسٽل جو نشو  ھن خطي ۾ نئون آھي جنھن ڪري نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان کي وڏي مقدار ۾ واپرائين ٿا ھي چرس ، ھيروئين ۽ شراب کان به مٿانھين ۽ خطرناڪ درجي جو نشو آھي جنھن کي ھڪ دفعو واپرائڻ سان انسان ان جو عادي بڻجي پوي ٿو ۽ ان مان نجات حاصل ڪرڻ ۾ سالن جا سال لڳي ٿا وڃن ڊاڪٽر محمد عمر پنھنجي ھڪ ليڪچر ۾ چيو ته ھي نشو پھرين مرحلي ۾ انسان جي دماغ ۾ موجود خوشين وارن ھارمونس کي سرگرم ڪري ٿو جنھن ڪري انسان ھي نشو واپرائيندي پاڻ ۾ ڦڙتي ۽ چستي محسوس ڪري ٿو کيس 3 ڏينھن مسلسل نه  ننڊ اچي ٿي نه  ئي بک لڳي ٿي ۽ نشو ختم ٿيڻ بعد ھو ڪمزور حالت ۾ ڪري پوي ٿو ۽ پوءِ 4 ڏينھن مسلسل ننڊ ۾ رھي ٿو ٻئي مرحلي ۾ ھي نشو انسان جي اندر ۾ شڪ پيدا ڪري ٿو جنھن ڪري ماڻھو پنھنجي گھر ڀاتين توڙي دوستن کان ڊڄڻ لڳي ٿو ۽ نشو نه ملڻ جي صورت ۾ سندس جسم ۾ اھڙي ته پٽ ۽ لرزش ٿئي ٿو جو ھو برداشت ئي نٿو ڪري سگھي ٽيئن مرحلي ۾ ھي نشو انسان کي ايترو ته ذھني مريض بڻائي ٿو جو کيس عجيب عجيب آواز ٻڌڻ  ۾ اچن ٿا ۽ ھو شھر جي شور کان پري ڪچري جي ڍير ۽ نالن جي پاسن ۾ ويھي نشو واپرائي ٿو جيڪا انتھائي خراب صورتحال آھي ڪوھ سار ري ھيبلٽيشن سنيٽر حيدرآباد جي ھڪ ڊاڪٽر جو چوڻ آھي ته ھن نشي ۾ مبتلا ماڻھو کي نشي مان جان ڇڏائڻ لاءِ ھڪ سال مسلسل علاج جي ضرورت آھي پر ڪن ڪن حالتن ۾ ھڪ سال بعد به مريض ٺيڪ نٿو ٿئي ۽ ان نشي جي ٻاڙ کيس ايتري ته تنگ ڪري ٿي جو اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ بعد اگر ڪنھن شخص جي واتان آئيس ڪرسٽل جو نالو به ٻڌي ٿو ته سندس دماغ ان جي شدت سان  ضرورت محسوس ڪري ٿو ۽ هو ان کي ٻيھر واپرائڻ شروع ڪري ٿو ڇڏي

بقاءِ انسان فورم جيڪا ھڪ سماجي تنظيم آھي جيڪا تعليم ۽ صحت جي معاملي تي ھميشھ پنھنجو آواز اٿاريندي رھي آھي  سرڪاري اسڪولن جي بي پھچ ٻارڙن کي ڪتاب مھيا ڪرڻ کان ويندي غريب ماڻھن جي روزگار لاءِ به ڪوششون ڪندي رھي آھي خاص طور تي ڪراچي شھر جي سنڌين وسندين ۾ ان فورم جون عوام دوست خدمتون قابل ساراھ آھن پر تازو ھو آئيس ڪرسٽل جي نشي خلاف مھم ھلائي  رھيا آھن مون مٿي ذڪر ڪيو آھي ته ھي ڪم سرڪار جو آھي پر جيستائين سرڪار سڳوري اک پٽي تيستائي بقا انسان فورم  سنڌي مجبب چولياڻي ، ۽ عامر علي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي پريس ڪلبن تي آئيس ڪرسٽل جي سرعام وڪري خلاف سراپا احتجاج آھن  سندن پھريون احتجاج 17 آگسٽ تي ڪراچي پريس ڪلب تي ھيو ۽ ٻيو احتجاج 24 آگسٽ تي وارھ پريس ڪلب ٿيو جڏھن ته 6 سيپٽمبر تي ڄامشورو  ۽ 21 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻي ۾ پڻ وڏي پئماني تي سندن احتجاج رکيل آھي  بقاءِ انسان فورم جي سربراھ سنڌي مجيب جو چوڻ آھي ته ” آئيس ڪرسٽل جو نشو افغانستان منجھان غير قانوني طور تي سنڌ ۾ پھچي ٿو ۽ ان جو وڪرو ايڏو آساني سان ٿي رھيو آھي جو ڳوٺ ڳوٺ ۾  آساني سان ملي وڃين جنھن جو وھاپو وڏي پئماني تي نوجوان نسل ڪري ٿو جن جي زندگي تباھي جي ور چڙھيل آھي ۽ اسين نٿا چاهيون ته سنڌ  جو نوجوان نسل نشي ۾ برباد ٿئي "” ھڪ عالمي اخبار موجب سال 2023 ۾ ھن نشي واپرائڻ سبب پاڪستان جا 559 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا آھن جڏھن ت ھزارن جي تعداد ۾ نوجوان ان نشي جي گھيري ۾ آھن

سنڌي مجيب جو  وڌيڪ چوڻ ھو ته ھو پھرين مرحلي ۾ احتجاج ۽ ٻئين مرحلي ۾ آگاھي مھم به ھلائيندا ۽ سوشل ميڊيا توڙي  شھر شھر ۾ ان نشي جي نقصانن توڙي ان نشي سبب ٿيندڙ بيمارين جي آگاھي به ڏيندا  جنهن ڏس ۾ کين ماهر ڊاڪٽرن جي سهڪار جي به سخت ضرورت آهي  جن کان هو ليڪچر ڪرائي عام ماڻهن  تائين ان نشي جي نقصانن بابت معلومات پهچائي سگهن ۽ نشي جي لپيٽ ۾ آيل مريض ۽ سندن خاندان کي علاج ڪرائڻ لاءِ آماده ڪري سگهن

بقا انسان فورم جي ھن قدم جي سنڌ کي آجيان ڪرڻ گھرجي ۽ ان مھم ۾ شامل ٿيڻ گھرجي ڇو جو قومن جو سرمايو ان جا نوجوان ٿيندا آھن پر ھتي نوجوان طبقي کي تعليمي ميدان ۾ تباھ ڪرڻ ۽ کين معاشي طور ڪنگال ڪرڻ لاءِ ان قسم جا ھربا ھلايا ٿا وڃن جن سان مقابلو ان سماجي مھم وسيلي ئي ڪري سگھجي ٿو ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ عام جام وڪرو ٿيندڙ ان نشي خلاف اٿاريل ان آواز کي سنڌي قوم پنھنجي بقا جو آواز سمجھي مانُ ڏيئي ۽ پنھنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ ان نشي جي وڪري خلاف آواز اٿاري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اطلاع  ڪري  اگر اطلاع بعد به قانون حرڪت ۾ نه ٿو اچي ته سوشل ميڊيا جو سھارو وٺي ان آواز کي عوامي آُواز بڻائڻ جي سخت ضرورت آھي اچو ته سنڌ جي نوجوان نسل کي ان نشي جي خطرناڪ وھاپي کان بچايون  ۽ سنڌ جي روشن مستقبل خاطر ڪو صحتمند ، علم دوست ، ماحول دوست ۽ سماج دوست ماحول جوڙيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.